بلڊ پريشر تي ڪنٽرول، وڏي دماغي بيماري کان حفاظت جو ضامن

جيتوڻيڪ بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جا ڪيترائي فائدا آهن ۽ ان جي وڌي وڃڻ جا سخت نقصان ٿين ٿا، پر هڪ تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ سان دماغي ڪمزوري جو سبب بڻجندڙ بيماري ”ڊيمينشيا“ کان محفوظ رهي سگھجي ٿو.

ڊيمينشيا حقيقت ۾ دماغ  ۽ ذهني بيمارين جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ يادداشت متاثر ٿيڻ سوڌو ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ به مسئلا ٿيندا آهن جڏهن ته ان جي ذهني اثرن جي حوالي سان به ان جا ناڪاري اثر هجن ٿا.

عام طور تي اها بيماري وڏي عمر جي ماڻهن کي ٿيندي آهي ۽ ان جي ٿيڻ جو ڪو تصديق ٿيل سبب ناهي، پر خيال ڪيو ويندو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر به ان جي ٿيڻ جو هڪ سبب آهي.

ان حوالي سان آمريڪا جي يونيورسٽي آف ٽيڪساس هيلٿ سائنسز جي ماهرن طرفان ڪيل تحقيق مان خبر پئي آهي ته بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سان ان مرض کان بچي سگھجي ٿو.

ماهرن موجب هاءِ بلڊ پريشر سان دماغ جو وائيٽ ميٽر چورائيندڙ حصي ۾ تبديليون ٿينديون آهن ۽ اتي رت جو وهڪرو مناسب اندا ز ۾ ناهي ٿي سگھندو، جنهن سبب ڊيمينشيا  جا خطرا وڌي ويندا آهن.

ماهرن تجويز ڏني ته دماغي ڪمزوري کان بچڻ ۽ صحتمند رهڻ لاءِ ماڻهن کي پنهنجو بلڊ پريشر 80/120تائين محدود رکڻ گھرجي ۽ ان کان وڌيڪ بلڊ پريشر جي صورت ۾ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.

ماهرن موجب 90/130 تائين بلڊ پريشر اسٽيج ون جڏهن ته 140/100 اسٽيج ٽو جو بلڊ پريشر چورائيندو آهي ۽ 180/120 کان وڌيڪ بلڊ پريشر خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.