دل، گڙدن ۽ آنڊن سميت عضون جو خيال ڪيئن رکجي؟ بازار ۾ ناهن ملندا!

انسان جي جسم جو هر عضوو پنهنجي پنهنجي حساب سان وڏي اهميت رکي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن به عضوي ۾ ڪو نقص ٿي پوي ته زندگي خطري ۾ پئجي ويندي آهي. نه رڳو ايترو پر انسان کي تڪليف به تمام گهڻي ٿيندي.

اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن انسان جي جسم جو ڪو به عضوو خراب ٿي پوي ته نه اهو پاڻمرادو طور ٻيهر ٿي پوندو آهي ۽ نه ئي ان جهڙو عضوو ڪڏهن ڪو ٻيو ملي سگهي ٿو. سائنس جي ترقي جي باوجود ڪيترائي هٿرادو عضوا لڳرائي ته سگهجن ٿا پر انهن لاءِ هاڻوڪي عضون کان وڌيڪ احتياط، سار سنڀال ۽ خرچن جي ضرورت پوي ٿي.

جڏهن ته هاڻوڪي قدرتي عضون لاءِ رڳو ٿوري ئي احتياط جي ضروري پوندي آهي.

عام زندگي ۾ توهان وٽ موجود شين موبائل، موٽرسائيڪل، ڪار، گهر جي ٻين سامان سميت ڪيتريون ئي اهڙيون شيون هونديون آهن جن کي توهان لاءِ صاف ڪرڻ انتهائي ضروري هوندو آهي جيڪڏهن توهان انهن کي صاف نه ڪيو ته ٿوري ئي وقت ۾ اهي خراب ٿي وينديون آهن ۽ توهان کي انهن تي خرچ ڪرڻا پوندا آهن.

ان سان گڏ مشينون توڙي ڪيترن ئي ٻين شين جي مخصوص وقتن ۾ ٽيوننگ ۽ مرمت ڪرائڻ ضري هوندي آهي جيڪڏهن اهو عمل نه ڪيو وڃي ته انهن جي عمر توهان وٽ ٿورو وقت رهندي، ان سان گڏ انهن جي صفائي توهان لاءِ واکاڻ جو سبب به بڻبي آهي. اهي ته هيون پيسن مان خريد ڪيل شيون، جيڪي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ مٽائي به سگهجن ٿيون پر ڇا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته جيڪڏهن توهان جي جسم جا عضوا خراب ٿي وڃن ته پوءِ اهي ڪٿان ايندا؟ يا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته انهن کي توهان پنهنجي هٿن سان نقصان ڏيندا آهيو؟ ۽ توهان کي ائين بلڪل به نه ڪرڻ گهرجي!

انسان جي جسم جا ٻاهريان عضوا اندرين عضون جي ڀيٽ ۾ مضبوط ۽ سخت هوندا آهن جن جو به خيال رکڻ گهرجي پر اندريان عضوا ٻاهرين کان وڌيڪ نازڪ هوندا آهن جن جو خيال رکڻ انتهائي ضروري هوندو آهي.

توهان کي  جيڪڏهن ڪير چوي ته پنهنجو هٿ باهه ۾ وجهو ته ڇا توهان ائين ڪندا؟ نه ڪڏهن به نه! ڇو ته توهان کي خبر آهي ته ائين ڪرڻ سان توهان جو هٿ سڙي ويندو ۽ اهو توهان لاءِ نقصانڪار آهي.

پوءِ توهان پنهنجي اندرين عضون، دل، آنڊن، گڙدن، معدي، دماغ ۽ ٻين جو اهڙي نموني خيال ڇو نٿا ڪيو؟ ڇا توهان کي اها خبر ناهي ته اهي روز ناهن ملندا؟

هونئن ته جسم جي اندرين عضون کي صحتمند رکڻ لاءِ مختلف کاڌا استعمال ڪرڻ سميت ڪيترائي کاڌا ۽ شيون کائڻ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ انتهائي ضروري هوندو آهي، پر اسان هتي توهان جي عضون بابت اهڙيون عام ڳالهيون ٻڌائينداسين جيڪي توهان کي خبر به هوندي پر توهان انهن تي عمل نه ڪندا هوندا. توهانا اهي سوليون شيون ڇو ناهيون ڪندا جيڪي توهان جي عضون کي فائدو ڏين؟

اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين ته ڪهڙو عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان توهان جو ڪهڙو عضوو پريشان ٿي ويندو آهي!

معدو

معدو ان وقت ڊڄندو آهي جنهن وقت توهان ناشتو ناهيو ڪندا.

معدي کي تقريبن سڀني بيمارين جي جَڙ چيو ويندو آهي جيڪڏهن معدي ۾ تيزابيت سميت ڪو به مسئلو ٿي پوي ته سڄي جسم ۾ لاءِ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ معدي ۾ ابتيون سبتيون شيون کائڻ سان گڏ ناشتو نه ڪرڻ سان تڪليف ٿيندي آهي، انڪري توهان کي معدي جي صحت لاءِ ناشتو ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏڻ گهرجي.

گڙدا

گڙدا ان وقت پريشان ٿيندا آهن جڏهن توهان چوويهه ڪلاڪن ۾ ڏهه گلاس پاڻي ناهيو پيئندا.

انسان جي جسم لاءِ پاڻي انتهائي ضروري آهي، ٿڌي پاڻي بدران هلڪو نارمل پاڻي انسان لاءِ گهڻو فائديمند هوندو آهي، صحت جا ماهر چوويهه ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه گلاس پاڻي پيئڻ جي صلاح ڏين ٿا جنهن ڪري گڏيل صحت سميت گڙدن جي صحت به بهتر رهندي آهي. اڄڪلهه ڊائلاسز ۽ گڙدن جون ٻيون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن انڪري انهن کان بچڻ ۽ پنهنجي گڙدن کي پريشانين کان بچائڻ لاءِ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه گلاس پاڻي پيئڻ گهرجي.

پِتو

پِتو ان وقت پريشان ٿيندو آهي جڏهن توهان رات جو سوير ناهيو سمهندا ۽ سوير ناهيو اٿندا.

ڪيترن ئي ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته اهي رات جو دير تائين جاڳندا آهن ۽ ڏينهن جو دير تائين سمهندا رهندا آهن جيڪو گڏيل صحت سميت پتي جي لاءِ به انتهائي خطرناڪ عمل آهي. انڪري توهان کي سوير سمهڻ سان گڏ سوير اٿڻ گهرجي جنهن سان توهان پِتي جي پريشاني ختم ڪري سگهي ٿو.

ننڍو آنڊو

ننڍو آنڊو ان وقت تڪليف محسوس ڪندو آهي جڏهن ٿڌا شربت ۽ پاروٿا کاڌا کائبا آهن.

جيئن ته اڳ ۾ به ذڪر ڪيو ته جسم توڙي صحت لاءِ پاڻي ته ضروري آهي پر ٿڌي پاڻي جي ڀيٽ ۾ هلڪو نارمل پاڻي ئي بهتر آهي ائين ئي ٿڌا شربت ۽ بوتلون توهان جي ننڍي آنڊي لاءِ فائديمند ناهن هونديون، ٿڌن شربت ۽ بوتلن جا نقصان گڙدن ۽ گڏيل صحت تي به پوندا آهن پر اهي ننڍي آنڊي جي پريشاني جو سبب به بڻبا آهن، ان سان گڏ ڪيترائي ماڻهو صبح وارو کاڌو رات، رات وارو صبح ۽ ڪيترائي وري ٻن ٻن ٽن ٽن ڏينهن جا پاروٿا کاڌا کائڻ جا عادي هوندا آهن جيڪي توهان جي ننڍي آنڊي ۾ مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا، انڪري ٿڌي شربتن ۽ پاروٿي کاڌن کان به پاسو ڪيو وڃي.

وڏو آنڊو

وڏو آنڊو ان وقت پريشان ٿيندو آهي جڏهن توهان تريل ۽ گهڻيون مصالحيدار شيون کائو ٿا.

انسان سڄي ڏينهن ۾ ٽي وقت ماني کائيندو آهي، اهو ممڪن ئي ناهي ته ٽئي وقت ساڳئي ئي ماني کاڌي وڃي، صبح، منجهند ۽ رات جي لاءِ علائقن جي موسمن جي حوالي سان الڳ الڳ کاڌن کي ترتيب ڏنو ويندو آهي جن جي آڌار تي ماڻهو زندگيون گذاريندا آهن، ڏينهن ۾ ڪهڙي به وقت يا ڪهڙي به ڏينهن لازمي طور تريل شين ۽ مصالحيدار شين جو استعمال ضرور ٿيندو هوندو پر گهڻيون تريل ۽ گهڻيون مصالحيدار شيون توهان جي صحت لاءِ نقصانڪار هونديون آهن، اهي توهان جي وڏي آنڊي کي سڌيءَ ريت نقصان ڏين ٿيون. انڪري توهان کي گهرجي ته وڏي آنڊي جي پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ توهان گهڻي مقدار ۾ تريل ۽ گهڻي مصالحن واريون شيون کائڻ کان پاسو ڪيو.

ڦڦڙ

ڦڦڙن کي ان وقت تڪيلف ٿيندي آهي جڏهن توهان گدلاڻ واري جاءِ تي ساهه کڻو يا انهن ۾ دونهون ڦوڪيو.

ڦڦڙ ساهه کڻڻ جو ڪم ڪندا آهن ٻين عضون سان گڏ انهن جي ڪم ڪار جي به تمام گهڻي اهميت هوندي آهي ۽ فيڪٽرين جي زهريلي دونهي، گاڏين جي سڙيل دونهين سميت سگريٽ ۽ تماڪ ڇڪڻ واري دونهين سبب انهن کي پريشاني ٿيندي آهي، جيڪڏهن دونهين وارين جاين ۾ ساهه کڻبو ته اهو توهان جي ڦڦڙن لاءِ نقصانڪار هوندو آهي جڏهن ته سگريٽ ۽ تماڪ ڇڪڻ سان به توهان جا ڦڦڙ پريشان ٿيندا آهن، انڪري توهانکي گهرجي ته ڦڦڙن کي پريشان ڪرڻ کان پاسو ڪري پاڻ کي ساهه جي تڪليفن کان بچائي سگهو ٿا.

جگر

جگر ان وقت پريشان ٿيندو آهي جڏهن توهان تيز پڪل ۽ تريل شيون ۽ فاسٽ فوڊز کائيندا آهيو.

اڄڪلهه جي طرز زندگي کي ڏسجي ته سڀ ڪو کاڌي پچائڻ جي خفي کان لنوائيندو رهندو آهي ۽ ٻاهرين تيز پڪل شين ۽ فاسٽ فوڊز جو استعمال فيشن به ٿيندو پيو وڃي. پر اهي سڀ شيون کائڻ سان توهان جي جگر کي پريشاني ٿيندي آهي جيڪا سولي ختم نٿي ڪري سگهجي. انڪري اهڙين شين کان پاسو ڪري توهان پنهنجي جگر کي پريشان ڪرڻ کان بچي پنهنجي صحت جو خيال رکي سگهو ٿا.

دل

دل ان وقت پريشان ٿيندي آهي جڏهن توهان گهڻيون چهريون، لوڻ واريون ۽ ڪوليسٽرول واريون شيون کائو ٿا.

دل انسان جي جسم جو اهڙو عضوو آهي جيڪو چوويهه ڪلاڪن ۾ لکين ڀيرا ڌڙڪي ٿو ۽ هزارين ليٽر رت توهان جي جسم جي رڳن ۾ پمپ ڪندو آهي، جيڪڏهن لکين ڀيرا ڌڙڪڻ واري دل رڳو ٻه يا ٽي ڀيرا ڌڙڪڻ بند ڪري يا وري ٻه يا ٽي ڀيرا وڌيڪ ڌڙڪي ته توهان جو ساهه مُٺ ۾ پئجي ويندو ۽ توهان جي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي ۽ ائين به ناهي ته ڪو اهڙو عمل ٿي ئي نٿو سگهي، دل تيز به ڌڙڪندي آهي ته آهستي به ٿيندي آهي جنهن جا سبب مختلف هوندا آهن. پنهنجي دل جي صحت جو خيال رکڻ جي لاءِ ۽ انجي بهتر ڪم ڪار کي برقرار رکڻ جي لاءِ توهان کي گهرجي ته پنهنجي دل کي پريشان نه ڪيو ۽ ان لاءِ توهان کي لوڻ واريون، گهڻيون چهريون ۽ گهڻيون ڪوليسٽرول واريون شيون نه کائڻ گهرجن جنهن سان توهان جي دل پريشان ٿيندي آهي.

لبلبو

لبلبو گهڻو مٺاڻ کائڻ جي ڪري پريشان ٿي ويندو آهي.

اڄڪلهه شگر جو مرض عام ٿيندو پيو وڃي ۽ اهو لبلبي جي صحيح ڪم نه ڪرڻ جي ڪري وڌي رهيو آهي، شگر جو مرض توهان جي کاڌي پيتي کي محدود ڪري ڇڏيندو آهي ۽ توهان جي زندگي کي سخت متاثر ڪري ٿو، نه رڳو ايترو پر اهو توهان لاءِ هڏن ۽ فالج سميت دل جي ٻين بيمارين جو به سبب بڻبو آهي انڪري توهان کي گهرجي ته پنهنجي لبلبي جو خيال ڪيو ۽ انکي پريشاني کان بچائڻ لاءِ مٺايون ۽ گهڻي کنڊ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو ته اهو پنهنجو ڪم بهتر ڪندو رهي.

اکيون

اکيون ان وقت بيزار ٿين ٿيون جڏهن انهن تي تيز روشني وجهجي ٿي.

اڄڪلهه موبائل ۽ ڪمپيوٽر جو ايترو استعمال وڌي ويو آهي جو ننڍا ٻار ته ڏينهن رات موبائل استعمال ڪن ٿا ۽ موبائل جي بدران ماني ئي نٿا کائن، ان سان گڏ وڏي عمر جا ماڻهو پڻ سڄي سڄي رات موبائل هلائن ٿا جنهن جي تيز شعائن واري خطرناڪ روشني اکين جي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي، انڪري پنهنجي اکين کي پريشان ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ انهن کي ڪمپيوٽر ۽ موبائل جي روشني کان پري رکو.

دماغ

دماغ ان وقت پريشان هوندو آهي جڏهن توهان ناڪاري سوچ سوچيندا آهيو.

ڪيترائي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي گهڻو وقت ناڪاري سوچ سوچيندا رهندا آهن جنهن سان دماغ جا سيل جسم کي اهڙا سيل خارج ڪندا آهن جن بابت توهان سوچيندا آهيو، ائين ڪرڻ سان دماغ جون صلاحيتون به متاثر ٿينديون آهن ۽ توهان جي خوداعتمادي به متاثر ٿئي ٿي، جيترو بُرو توهان سوچيندا آهيو اوترو ئي برو توهان سان ٿيندو آهي. ان سان گڏ ننڊ نه ڪرڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري به دماغ جي ڪم ڪار ۾ خلل پوندو آهي، انڪري دماغ کي پريشانين کان بچائڻ لاءِ ناڪاري سوچ کان پاسو ڪري انکي صحتمند رکي سگهجي ٿو.

اهي اهڙا عضوا آهن جيڪي نه توهان کي ٻيهر ملندا نه ئي خراب ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ڦُٽي پوندا آهن، ڄاڻايل عمل اهڙا آهن جيڪي توهان جي لاءِ انتهائي ضروري ناهن انهن کي ڇِڏي ڪري توهان زندگي ۾ ڪنهن به شيءِ کان محروم نٿا ٿيو، انڪري انهن ڪم کان پاسو ڪيو جيڪي توهان قيمتي ۽ هڪ ڀيرو مليل عضون کي نقصان ڏين، اهي سڀ عمل ۽ شيون توهان جي عضون جا دشمن آهن ته توهان کي به انهن کي پنهنجو دشمن بڻائڻ گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن ڪو ٻيو توهان جي انهن عضون کي نقصان پهچائيندو ته لازمي طور توهان انکي دشمن سمجهندا پر پنهنجي وڍئي جو ته طبيب ته ويڄ! انڪري توهان کي انهن نقصان وارين شين کي دشمن سمجهي انهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.