ڇنڇر واري ڏينهن ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ٻه اھم خبرون ڀارت ۽ پاڪستان جي ميڊيا ۾ سرخيون بڻيل رھيون! ھڪ خبر ھئي ته بئنگلور جي چنا سوامي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل جي 16 سيزن ۾ پنهنجي ٽين ففٽي اسڪور ڪئي، جڏھن ته ٻي خبر موجب لاھور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪيريئر جي ٽين سينچري اسڪور ڪئي.
سوشل ميڊيا تي به انهن ٻنهي خبرن جو چرچو رھيو، ڳالهه بحث ۾ تبديل ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي انهن خبرن سان جڙيل ٻئي نالا ٻنهي ملڪن ۾ ٽرينڊ ڪرڻ لڳا، ٽرينڊ شروع ٿيڻ شرط ٻنهي شخصيتن جي مداحن کي ٽرولنگ جو موقعو ملي ويو ۽ پوءِ ھڪ نه کٽندڙ سلسلي جنم ورتو ۽ ھر ڪو اھو ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويو ته انهن ٻنهي مان بهتر ڪير آھي ؟ .
اِھو سوال ڪو نئون نه آھي، جڏھن به ٻنهي ملڪن جي مداحن سان ڪرڪيٽ جي دُنيا جي موجوده بهترين بيٽرز جو ذڪر ڪندئو ته سڀ کان پهرين جيڪي ٻه نالا ٻڌڻ ۾ ايندا اِھي ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم جا ھوندا .
پر ڪوهلي ۽ بابر مان وڏو بيٽر ڪير آهي؟ ان سوال جو جواب ڪيترواھم آھي ان کي ھڪ پاسي رکي جيڪڏھن ٻنهي جي ڪرڪيٽ ڪيريئر تي ھڪ نظر وجهون ته معلوم ٿئي ٿو ٻئي، مڊل ڪلاس طبقي سان واسطو رکن ٿا، جتي ڪوھلي ڀارت جي گادي واري شهر ۾ جنم ورتو اتي ئي بابر پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ ڄائو، ٻنهي جي ڪرڪيٽ جو سفر دوران ڪيئي لاها چاڙها آيا، ٻنهي ۾ هڪجهڙائي اِھا آھي ته ٻنهي سخت محنت، قابليت ۽ صلاحيت سان پنهنجي، پنهنجي قومي ڪرڪيٽ ٽيمن جي نمائندگي ڪئي.
ويرات ڪوهلي دهلي، انڊيا بليو، انڊيا ايمرجنگ پليئرز، انڊين بورڊ آف پريزيڊنٽ اليون، ريسٽ آف انڊيا، انڊيا ريڊ، نارٿ زون، آئل اينڊ نيچرل گئس ڪارپوريشن، انڊيا انڊر 19، انڊيا اي لاءِ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي.
هن 2008ع ۾ سريلنڪا خلاف ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ پنهنجي عالمي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي ان کان ٻه سال پوءِ يعني 2010ع ۾ بابر اعظم فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ قدم رکيو.
دهلي جي عام ڇوڪري کان هو ڀارتي ٽيم تائين ڪئين پهتو اهو ته هڪ ڊگهو داستان آهي پر هتي سندس هڪ اننگز جو اڄ ذڪر ڪندس جنهن کيس ان مقام تائين رسائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو.
ورات ڪوهلي 18 ورهين جي عمر ۾ دهلي جي ٽيم لاءِ رانجي ٽرافي ۾ هڪ يادگار اننگز کيڏي هئي جيڪا سندس ڪيريئر کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿي.
ڪوهلي ڪرناٽڪ خلاف پنهنجي ڊيبيو ميچ کيڏي رهيو، ميچ واري رات سندس پيءُ ديهانت ڪري ويو پر هو صبح جو ذاتي ڏُک وساري ٽيم لاءِ ميدان ۾ آيو ۽ پنهنجي ڪيريئر جي بهترين 90 رنسن جي اننگز کيڏي.
ان ڏينهن جن ماڻهن به کيس فيروز شاهه ڪوٽلا گرائونڊ ۾ بيٽنگ ڪندي ڏٺو، انهن کي اڄ به ياد آهي ته ٽن ڪلاڪن جي ان اننگز هڪ نوجوان ڪرڪيٽر کي مئچور ڪرڪيٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
جيئن جيئن ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪوهلي جو قد، مان مرتبو وڌيو، سندس مزاج ۾ به وڏيون تبديليون نظر اچڻ لڳيون.
سندس جارحاڻو انداز فطري آهي يا نه، ان تي بحث ڪري سگهجو ٿو پر حقيقت اِها آهي ته هن ان کي مخالف ٽيمن خلاف هڪ هٿيار طور ڪتب آندو آهي.
ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن ۾ 497 ميچون کيڏندي هن 25322رنسون اسڪور ڪيون آهن، جن ۾ 75 سينچريون، 130 ففٽيون شامل آهن.
پنهنجي محنت، قابليت، صلاحيت ۽ خود اعتماديءَ سبب اڄ هو ڪرڪيٽ جي دنيا سڀ کان ڪامياب بيٽرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
ويرات ڪوهلي، عظيم سچن ٽنڊولڪر، راهول ڊريوڊ، گوتم گمڀير، وريندر سيهواگ، وي وي ايس لڪشمڻ جي موجودگي ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو، هُن ڪرڪيٽ ۾ اسٽارڊم واري لاڙي کي هٿي وٺرائي، ڏسندي ئي ڏسندي هو هڪ برانڊ بڻجي ويو، سندس نالي کي ڪاميابي جي ضمانت قرار ڏنو ويو ۽ هو هن وقت دُنيا جي ٽاپ ڏهن بااثر ايٿيلٽ منجهان هڪ آهي.
اتي ئي وري بابراعظم، اڪمل ڀائرن جو ويجهو مٽ هئڻ باجود هڪ بال پيڪر طور پنهنجو ڪرڪيٽ سفر شروع ڪيو، هونئن به سندس مزاج ۽ راند پنهنجن مائٽن کان مختلف رھي، انڊر 19 کان ئي سندس نالو گونجڻ لڳو هو، ان گونج کي پي سي بي جي ڪنن تائين پهچڻ ۾ گهڻي دير به نه لڳي، ھو ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ اچڻ سان پرفارم ڪرڻ لڳو، پر کيس ٽيسٽ ٽيم ۾ سيٽ ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو.
بابر اعظم اهڙي وقت ۾ پاڪستان ٽيم ۾ انٽري ڏني، جڏهن گرين شرٽس ۾ بيٽرن جو بحران هو، هن ان بحران جو ڀرپور فائدو ورتو ڇاڪاڻ جو منجهس ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صلاحيت ۽ قابليت هئي ۽ سندس معيار جو پليئر ڊگهي عرصي کان پاڪستان کي نه ملي سگهيو هو.
پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بيٽر ئي هئا جن مستقبل مزاجي سان پرفارم ڪيو، ۽ ڊگهي عرصي کان پاڪستان اِها کوٽ محسوس ڪندو رهيو، پر بابر جي اچڻ سان نه رڳو اِها کوٽ پوري ٿي، پرهن پاڪستان ڪرڪيٽ جي اميدن جا ڏيئا روشن ڪري ڇڏيا.
بابر اعظم هوريان هوريان اسٽار جو روپ اختيار ڪرڻ لڳو، جڏهن ته هن وقت سندس پرستارن جو انگ مُلڪي سرحدون اورانگهي چڪو آهي، ۽ دُنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ سندس چاهيندڙ رهن ٿا.
بابر اعظم ڪيئي ڀيرا پنهنجن انٽرويوز ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي ته ويرات ڪوهلي تائين پهچڻ ۾ ڏکيو آهي ۽ بقول سندس ته ويرات موجودا عهد جو تمام وڏو بيٽر آهي.
پر ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ان باوجود اِهو بحث هر آئي ڏينهن زور وٺي رهيو آهي ته ٻنهي مان وڏو بيٽر ڪير آهي؟، انگن اکرن جي ڳالهه ڪجي ته ويرات ڪوهلي بابراعظم کان گهڻو اڳتي نظر اچي رهيو آهي، پر جيڪڏهن وري انگن اکرن کي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو وڃي ته بابر اعظم به پوئتي نه آهي، هو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جو ڪامياب ڪپتان بڻجڻ کان رڳو هڪ وک پوئتي آهي ۽ ڪپتان طور ٽي سينچريون اسڪور ڪندڙ دُنيا جو پهريون بيٽر پڻ بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ٻيا ڪيئي رڪارڊ هو ايندڙ ڏينهن ۾ ٽوڙي سگهي جنهن ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين پنج هزار رنسن جو رڪارڊ به اهم آهي.
هن وقت ويرات ڪوهلي ٽن سالن کان رُٺل پنهنجو فارم ٻيهر بحال ڪري چڪو آهي ۽ آءِ پي ايل جي 16 هين سيزن دوران کيڏيل چئن ميچن ۾ هو 3 اڌ سينچريون ٺاهي چڪو آهي.
جتي ويرات ڪوهلي پنهنجي ڪيريئر دوران ئي عظيم ڪرڪيٽر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي، سچن جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن ڀارتي مداحن ۽ عالمي ڪرڪيٽ کي سندس کوٽ محسوس ٿيڻ ناهي ڏني ۽ لاڳيتو هو ڪرڪيٽ جي دنيا کي انٽرٽين ڪري رهيو آهي، اتي ئي ظهير عباس، جاويد مياندان، سعيد انور، انضمام الحق، محمد يوسف ۽ يونس خان کان پوءِ بابر اعظم ان فهرست ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان نظر اچي رهيو آهي.
گذريل سال ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر جو اعزاز اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان مهيلا جي ورڌني کان کسي ورتو هو جنهن ۾ اوهان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هو وڏن ايونٽن ۾ ڪهڙي انداز سان پرفارم ڪري ٿو، جڏهن ته اتي وري ايشيا ڪپ ۽ عالمي ڪپ ۾ بابر اعظم جي ڪارڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ رهي هئي پر ان جو مطلب اِهو ناهي ته هو وڏن ميچن جو پليئر ناهي هن 2019ع واري عالمي ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪري پاڪستان هارايل بازي کٽرائي هئي ۽ ان کانسواءِ گڏيل عرب رياستن ۾ کيڏيل 2021 ع واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ هن چار ففٽيون اسڪور ڪيون هيون.
پر ويجهي ماضي ۾ ڏٺو وڃي ته هو ميگا ايونٽن ۾ اهڙي نموني پرفارم ناهي ڪري رهيو، ان جو سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو هو مُلڪي ڪنڊيشن ۾ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته اِهي بيٽنگ لاءِ سازگار آهن، پاڪستان کان ٻاهر مختلف ڪنڊيشنز جهڙوڪ نيوزيلينڊ، انگلينڊ يا وري آسٽريليا ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران سندس فلاپ ٿيڻ پاڪستان لاءِ ڏاڍو هاڃيڪار ثابت ٿيو هو.
پر سموري دستان باوجود مداح اِهو بحث ختم ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهن ته ٻنهي مان وڏو بيٽر آخر ڪير آهي، ويتر مٿان انٽرنيٽ تائين هر ماڻهو جي پهچ ان بحث کي وڌيڪ ڊيگهه ڏئي ڇڏي آهي، انٽرنيٽ جي اچڻ ۽ رڪارڊن تائين هر عام ماڻهو جي پهچ ۾ به ڪرڪيٽ فائدو گهٽ نقصان وڌيڪ ڏنو آهي، خاص طور ڀارت ۽ پاڪستان ۾ جيڪو معلومات جو غلط استعمال ٿئي ٿو اِهو ڏسي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، ڪرڪيٽ هن وقت جينٽلمين راند کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي، جديد سهولتون محبتن وڌائڻ بدران ويڇا وڌائڻ جو ڪم ڪري رهيون آهن، سياستدانن جي لوڀ لالچ جي ور چڙهي ويل پاڪ- ڀارت ڪرڪيٽ هاڻي هڪ جنگ جو ميدان بڻجي چُڪي آهي، هاڻي موبائيل جي ٽچ اسڪرين ذريعي ٻنهي مُلڪن جا واهپيدار هڪٻئي تي لفظي گولا باري ڪري رهيا آهن.
ست ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ لاڳاپا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويڇا گهٽائڻ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. پر هيءَ راند شروع کان ئي سياست جو شڪار به رهي آهي، ان جو مثال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سال 1960ع کان وٺي سال 1978ع جي 18 ورهين تائين ڪرڪيٽ رابطن ۾ ماٺار آهي. ان کانپوءِ سال 1987 کان سال 1999ع تائين ٽيسٽ سيريز ۾ وقفو رهيو ۽ موجودا ماٺار سال 2008ع ۾ ٿيندڙ ممبئي حملن کانپوءِ برقرار آهي.
پر ان نفرتن وچ ۾ ڪير اِهو نٿو سمجهي سگهي ته گواسڪر، سچن، سيهواگ، يا جاويد، انضمام ۽ يوسف تمام وڏا بيٽر ڇو بڻيا، ظاهر آهي، پنهنجي قابليت جي بنياد تي ئي اڄ به ڪرڪيٽ جي دُنيا ۾ انهن جا نالا اهم ڄاتا وڃن ٿا، پر جيڪڏهن گواسڪر، لالا امر ناٿ بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ها يا سچن گواسڪر ٿيڻ چاهي ها ته ڇا اڄ انهن جا نالا هجن ها؟ ، هرگز نه ڇو جو هر ڪنهن جي کيڏڻ جو انداز مختلف هو، دور مختلف هئا گهرجون مختلف هيون، پر اڄڪلهه جي جديد دور ۾ هر ڪوئي چاهي ٿوته هُن فيورٽ ڪرڪيٽر پرفارم ڪري، جيستائين هو پرفارم ڪندو ان کي مختلف لقبن سان نوازيو ويندو ۽ جڏهن هو خراب ڪارڪردگي پيش ڪندو ته ساڳا ئي ماڻهو ان کي هيرو مان زيرو بڻائڻ ۾ دير نه لڳائيندا.
اهڙو ئي ڪجهه اڄڪلهه ويرات ڪوهلي ۽ بابر اعظم سان به ٿي رهيو آهي، ٻنهي جي راند، قابليت ۽ صلاحيت مختلف آهي، کيڏڻ جو انداز مختلف آهي، سوچ ۽ مزاج مختلف آهن، پر انڊو پاڪ پرستار هر ڳالهه ۾ ٻنهي کي ڳنڍڻ چاهين ٿا، جتي ويرات ڪوهلي پنهنجي اڌ کان گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي اتي بابر جي اڌ کان وڌيڪ ڪرڪيٽ باقي آهي ته پوءِ ڇو نه ان سوال جو جواب وقت تي ڇڏي ڏيجي ۽ جڏهن هو پنهنجي، پنهنجي ڪرڪيٽ کيڏي چُڪا هجن ته فيصلو ڪجي ته نيٺ ٻنهي بيٽرن مان وڏو بيٽر ڪير هو؟. پر تيستائين اسان کي ويرات کي ويرات ۽ بابر کي بابر ۽ ڪرڪيٽ کي جنگي ميدان بدران ڪرڪيٽ ئي رهڻ ڏيجي، سهپ جو مظاهرو ڪندي ٻنهي جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي، ۽ ٻنهي پاسي جي واهپيدارن کي نفرتن جا ٻچ ڇٽڻ بدران محبتن جي جا گُل آڇڻ گهرجن.