چڪن ڪباب ڪنهن کي پسند ناهي، پر ڇا اوهان ڪڏهن ترڪش چڪن ڪباب کاڌا آهن؟ اڄ اسان اوهان کي مزيدار ترڪش چڪن ڪباب جي بهترين ترڪيب شيئر ڪري رهيا آهيون جيڪي يقيني طور تي اوهان کي پسند ايندي.
جُز
500 گرام چڪن قيمو
اڌ بصر
هڪ مُٺ ڌاڻا
اڌ ڳاڙهو شملا مرچ (اوهان سائو شملا مرچ به استعمال ڪري سگهو ٿا
ٿوم جو پيسٽ چانهه جو هڪ چمچو
لوڻ چانهه جو هڪ چمچو
ٿوم جو پائوڊر چانهه جو هڪ چمچو
ڏاڙهون جو پائوڊر چانهه جو هڪ چمچو
چانهه جو اڌ چمچو ڪارا مرچ
پارسلي چانهه جو هڪ چمچو
ڇلي فليڪس چانهه جو هڪ چمچو
زيرو پائوڊر چانهه جو هڪ چمچو
پيپريڪا چانهه جو هڪ چمچو
View this post on Instagram
ترڪيب:
بصر، ڳاڙها شملا مرچ، ٿوم جو پيسٽ گڏائي بلينڊ ڪريو.
ان کي چڪن قيمي ۾ شامل ڪريو، مٿي ڏسيل سڀ مصالحه استعمال ڪريو ۽ سٺي طريقي سان مڪس ڪريو.
پنهنجي هٿن تي تيل لڳايو ۽ اسڪيور تي ڪباب جي شڪل ڏيو، جيئن مٿي ڏنل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو.
وچولي باهه تي 14-12 منٽن تائين گولڊن رنگ اچڻ تائين تَريو.
اوهان انهن کي 17-18 منٽن لاءِ 200 سيلسيئس تي بيڪ ۽ فرائي به ڪري سگھو ٿا.
اوهان جا مزيدار ترڪش ڪباب تيار آهن، ان کي اوهان سحري کانسواءِ افطار ۾ به کائي سگھو ٿا.