بلوچستان: دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا چار جوان شهيد

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جا چار جوان شهيد ٿي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن پاڪ-ايران  بارڊر وٽ جلگئي سيڪٽر تي حملو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب شهيد جوانن ۾ نائيڪ شير احمد ۽ لانس نائيڪ محمد اصغر، سپاهي محمد عرفان ۽ عبدالرشيد شامل آهن.

آءِ يس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي لاءِ ايراني لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.