بلوچستان ۾ زلزلي جا لوڏا، 3 ٻارڙا فوت

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گذريل رات زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب بلوچستان علائقي چمن ۽ قلعه عبدالله ۾ گذريل رات ڏهه لڳي هڪ منٽ تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلي جي نتيجي ۾ بلازئي پاڙي ۾ گهر ڊهي پٽ ٿي ويو، جنهن سبب ٽي ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پي ڊي ايم اي موجب گذريل رات بلوچستان جي افغانستان سان لڳ سرحدي شهر چمن ۽ ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسيڪل تي 3.5 هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.