راشن عيوض پاڻي هاري ڪرنٽ ڏئي ماڻهو ماريا ويا:ظفر عباس

ڪراچي (رپورٽر) جي ڊي سي سربراھ ظفر عباس واقعي بعد عباسي شهيد اسپتال پهچي فوتين جي وارثن کي هڪ هڪ لک رپيا امداد ڏني.  ظفر عباس صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوام اٽي لاءِ بک مري رهيو آهي، حڪمران سکڻا اعلان ڪري رهيا آهن، هن مهل تائين ڪو به ڪامورو فوتين جي وارثن وٽ ناهي پهتو.هن چيو ته ڪجهھ ڏينهن اڳ پنجاب ۾ اٽي وٺڻ دوران 5 ڄڻا فوت ٿيا ۽ اڄ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ راشن وٺڻ لاءِ عورتون جڏهن فيڪٽري پهتيون ته انهن مٿان پاڻي هاريو ويو ۽ بجلي جو ڪرنٽ لڳايو ويو، جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن خوف مان ڀاڄ ڪئي، جنهن ۾وڏو جاني نقصان ٿيو، حڪمرانن کي اکيون کولڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.