داخلا لاءِ سنڌ جو ڊوميسائل شرط لازمي،جناح اسپتال جو جواب جمع

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾جناح اسپتال ڪراچي جي اسڪول ۽ ڪاليج آف نرسنگ  ۾ داخلا پاليسي 2022ع خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.جناح اسپتال انتظاميا عدالت ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو.جواب ۾ چيو ويو ته 18 هين ترميم کان پوءِ جناح اسپتال صوبائي حڪومت کي ملي وئي .جڏهن ته جناح اسپتال جي ملازمن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي،سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته جناح اسپتال وفاقي حڪومت وٽ رهندي.سنڌ حڪومت هن فيصلي خلاف اپيل ڪئي آهي، جيڪا التوا هيٽ آهي.جواب ۾ چيو ويو ته 2022ع کان هيلٿ ڊپارٽمينٽ سنڌ جي داخلائن جي حوالي سان ڪا به پاليسي نه ٺاهي آهي پر بي ايس جينزڪ نرسنگ لاءِ سنڌ جي ڊوميسائل جو شرط رکيو آهي.عدالت چئن هفتن تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري درخواست گذار کان جواب طلب ڪري ورتو .درخواست گذار جو چوڻ هو ته سموري پاڪستان ۾ بغير ڊوميسائل جي داخلا ڏني وڃي، سنڌ جي ڊوميسائل جو شرط ختم ڪيو وڃي.

  • حڪومت جو عوام سان دوکو، تيل سستو ٿيڻ باوجود اگهه نه گهٽيا

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي  ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه ايندڙ 15 ڏينهن برقرار رهندا، اگهه 15 اپريل تائين ساڳيا رهندا. واضح رهي ته هن وقت في ليٽر پيٽرول جي قيمت 272 رپيا آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 293 رپيا في ليٽر آهي. اسحاق ڊار چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به في ليٽر 10 رپيا لاٿ ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.