ميرپور ماٿيلي ۾فقيرياڻي فوت، لاش ڀرسان 2 ٻار به ويٺل،رانڀاٽ،شهرين جو جيءُ جُهري پيو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ:پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلي ۾فقيرياڻي فوت ٿي وئي، لاش ڀرسان ٻه ٻار به ويٺل، ٻارن جي روئڻ  ۽ رانڀاٽن شهرين جو جيءَ جهوري ڇڏيو.ڪالهه صبح سوير شهر جي مندر گهٽيءَ ۾ صادق آباد واسڻ ڪويتا  زال بالم ميگهواڙ جو لاش هٿ آيو، جڏهن ته فوتي عورت جي لاش مٿان هڪ کير پياڪ ۽ ٻيو 5 سالن  جو ٻار به ويٺل هو. ٻار عورت جي لاش کي چنبڙي چوندا رهيا ته امان اٿي بک لڳي آهي ماني کاراءِ پر فوت ٿيل عورت ٻارن کي ماني ڳڀو ڪٿان کارائي.اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ لاش ڀرسان هڪ معصوم ٻار روئيندي هانءُ ڦاڙ رانڀاٽ ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو ٻار سڪل ماني کائڻ سان گڏ سڏڪي به رهيو آهي. پوليس عورت جو لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروا ئي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.ٻڌايو وڃي ٿو ته فوتي عورت صادق آباد جي رهواسڻ هئي جنهن جو  اناج منڊي ڀرسان پکڙا اڏي ويٺل لاڏائو خاندان سان تعلق هو، عورت گداگري ڪري پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پاليندي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.