ڪنڌڪوٽ ۾ڳوٺاڻن هٿان پڪڙي پوليس حوالي ڪيل 2 چور جڙتو مقابلي ۾مارجي ويا

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ پوليس ڳوٺاڻن هٿان پڪڙيل ٻن مبينا چورن  کي جڙتو مقابلي ۾ ماري ڇڏيو،ڳوٺاڻن هٿان پڪڙي پوليس حوالي ڪيل چورن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، شهرين هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس جي شڪي مقابلي تي سوال اٿاري ڇڏيا.رپورٽ موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالخالق سھرياڻي ۾ موبائل فون جي ٽاور مان چوري ڪرڻ دوران  پڪڙي پوليس حوالي ڪيل پنجاب واسي محمد عامر ۽ محمد بلال جا ڳوٺ نواب لاڙي وٽان گوليون لڳل لاش هٿ آيا.پوليس دعويٰ ڪئي ته پڪڙيل چورن جي  نشاندھي تي ڳوٺ نواب لاڙو ۾ چوري ٿيل سامان ھٿ ڪرڻ لاءِ چورن کي ساڻ ڪري پھتاسين تي چورن جي ساٿين فائرنگ ڪري ڏني، پوليس ۽ ڏوھارين ۾ فائرنگ جي وٺ ٿي، گرفتار ڪيل چور محمد عامر ۽  محمد بلال ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، سندن ساٿي فرار ٿي ويا.ڳوٺاڻن هٿان پڪڙي پوليس حوالي چورن جي جاچ دوران وڊيو  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ هڪ نوجوان بيان ڏيندي چئي ٿو ته هو مڪيش ڪمار  وٽ رھن ٿا ۽ سڪندر پنھور جا مھمان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.