اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو اڪثر جج ساٿ ڇڏي ويا ۽ چيف جسٽس کي اڪيلائي جي ڏک روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ان باوجود ضد ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. هر صورت ۾ حڪومت کي عمران خان سان ڳالهين لاءِ مجبور ڪري عمران جي سهولت ڪاري ڪري رهيو آهي.
سوال آهي ته هاڻي ٽن هم خيال ججن جي بئنچ جو فيصلو ڪير قبول ڪندو ۽ ان فيصلي جي ڪهڙي اهميت هوندي. نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته جڏهن کنڀجي ويلن جون مائرون ۽ ڀينرون عدالت ٻاهران روئنديون ۽ سڏڪنديون آهن.
ان وقت ته چيف جسٽس کان ڳوڙها نه وهندا آهن، ڇا جذبات ۾ ڪيس ٻڌبا ۽ فيصلا ڪيا ويندا آهن. اصولي طور ته چيف جسٽس کي استعيفا ڏئي ڇڏڻ گهرجي. جڏهن جسٽس فائز عيسيٰ کي خاندان سميت عدالت ۾ گهليو ويو ان وقت ته چيف جسٽس جي اکين مان ڳوڙها نه ڳڙيا هئا.
چيف جسٽس جي ڪاوڙ ۽ ضد مان ته محسوس ٿي رهيو آهي ته ها گذريل ٻن سالن جو انتقام وٺي رهيو آهي. نامياري صحافي حسنات ملڪ جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس کي پي ٽي آءِ ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي آمهون سامهون آڻي بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ان ڪري چيف جسٽس جو سيڪيورٽي ادارن بابت لهجو سخت هو ۽ دفاع واري سيڪريٽري کي به پڇاڻي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.
خزاني کاتي جي سيڪريٽري کي به طلب ڪري ورتو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هم خيال بئنچ عمران خان جي فرمائش تي هر صورت ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جون چونڊون جلد ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
نامياري صحافي عبدالقيوم صديقي جو چوڻ هو ته عدالتي ڪارروائي ايئن لڳي ڄڻ ڪو درامو ڏسي آيا آهيون.
صحافي ناصر اقبال جو چوڻ آهي ته محسوس اهو ٿيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو چيف جسٽس لاءِ چيڙ بڻجي چڪو آهي.
نامياري صحافي عاصمه شيرازي جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس کلي سامهون آيو آهي ۽ هائبرڊ رجيم لاءِ اڳوڻي ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا جو ڳٺ جوڙ وائکو ٿي رهيو آهي.
سيبنيئر صحافي راشد حبيب جو چوڻ آهي ته جڏهن آمنه جنجوعا عدالت جي در تي مڙس جي کنڀجڻ تي روئي رهي هئي ۽ سڏڪا عدالتي ڪمري ۾ ٻڌا پئي ويا ان وقت ته چيف جسٽس جي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا هئا. هڪ چونڊيل وزيراعظم کي پاناما مان اقاما ڪڍي نااهل ڪيو ويو ۽ پيءُ جي سامهون ان جي ڌيءُ کي گرفتار ڪيو ويو ان وقت ته ڪنهن جج جون اکيون آليون نه ٿيون هيون هاڻي پنهنجي خاندانن جا ڏکڙا به چيف جسٽس کي ياد اچي رهيا آهن.، نواز شريف جو ڪو خاندان نه هو جنهن کي سسلين مافيا جو لقب ڏنو ويو.
نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر کي گڏ ويهاري خاموش پيغام ڏيڻ جي ڳالهه ڪندڙ چيف جسٽس ان وقت ڇو دهل ڳچيءَ ۾ وجهي نچي رهيو هو. جڏهن جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس داخل ٿيو هو. ان جو ڏوهه فقط اهو هو ته هن ان وقت جي هڪ طاقتور خلاف فيصلو ڏنو هو. ان وقت ته چيف جسٽس جي اکين ۾ ڳوڙها نه آيا هئا.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي ريمارڪس مان ته خبر پئجي وئي آهي ته هو هر صورت ۾ پي ٽي آءِ جي فرمائش تي جلد چونڊن ڪرائڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. جڏهن عمران خان سان حڪومت ڳالهين کان انڪار ڪري چڪي آهي ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ به انڪاري آهي ان وقت چيف جسٽس ٽياڪڙي ڪري عمران سان ڳالهين لاءِ ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.
نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس اصل ۾ عمران خان جي محبت ۾ ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان به ٽڪر کاڌو آهي.
نوٽ:ذلف پيرزادو جو هي سروي روزاني عوامي آوازڇنڇر 01 هين اپريل 2023ع تي شايع ٿيو