اٽلي چيٽ جي پي ٽي تي پابندي هڻي ڇڏي

 

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي حڪومت آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ايپليڪيشن چيٽ جي پي ٽي تي پابندي هڻي ڇڏي.

اٽلي جي ڊيٽا پروٽيڪشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني اوپن اي آءِ جي ايپليڪيشن تي پرائيويسي بابت خدشن سبب پابندي لڳائي وئي آهي.

اٿارٽي جو چوڻ هو ته چيٽ جي پي ٽي تي فوري طور پابندي لڳائي اوپن اي آءِ خلاف جاچ شروع ڪئي ويندي.

اٿارٽي موجب آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ کي اٽلي جي واچ ڊاگ جي خدشن تي پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 20 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي، ٻي صورت ۾ ان تي ٻه ڪروڙ 17 لک ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.