اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪي معاشي صورتحال مان غير مطمئن پاڪستانين جي شرح 4 سيڪڙو وڌي وئي.
عوامي راءِ ڄاڻڻ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان ڪنزيومر ڪانفيڊنس انڊيڪس جي نئين سروي جاري ڪري ڇڏي.
سروي موجب ملڪي معاشي صورتحال مان غير مطمئن پاڪستانين جي شرح 4 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 73 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته رڳو 12 سيڪڙو ماڻهن معاشي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
سروي ۾ مستقبل ۾ معيشت ۾ بهتري مان مايوس پاڪستانين جي شرح به وڌي ۽ 48 سيڪڙو ماڻهن ايندڙ 6 مهينن ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جي خوف جو اظهار ڪيو، جڏهن ته 24 سيڪڙو ماڻهو معيشت ۾ بهتري لاءِ پراميد نظر آيا.