نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پارليامينٽ جي شرمناڪ وڊيو سامهون آئي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، لڳي ٿو ته ڀارت ۾ هي عوامي ڪاوڙ جلد ٿڌي نه ٿيندي.
ماڻهن جي ڪاوڙ جو سبب حڪمران پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر جاداب لال ناٿ جي هڪ وڊيو آهي.

شرمناڪ وڊيو ۾ لال ناٿ کي پارليامينٽ ۾ فحش فلم ڏسندي پڪڙيو ويو هو.
هيل تائين کيس پنهنجي ان فعل تي ڪنهن به قسم سان جوابده ناهي ڄاڻايو ويو جنهن سڄي ملڪ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
ماڻهن جو وڏو انگ لال ناٿ کي فوري سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران اها وڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبر کي رياستي بجيٽ تي بحث دوران فحش فلم ڏسندي ڏسي سگهجي ٿو.
غضب شعبي هندي بعد رصد أحد أعضاء الحزب الحاكم وهو يشاهد مواد إباحية على جواله خلال جلسة مناقشة ميزانية الدولة.
السياسي (جاداب لال ناث) غادر الجلسة بعد انتهائها دون مسائلة ولم يتم استدعاؤه حتى اللحظة حسب الخبر، والهنود يطالبون بالقبض عليه والتحقيق معه.
Courtesy: India Today pic.twitter.com/P94097egwI
— إياد الحمود (@Eyaaaad) March 30, 2023
ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ تڏهن آئي جڏهن اهو سياستدان بنا ڪنهن پڇا ڳاڇا جي سيشن ختم ٿيڻ بعد پارليامينٽ مان هليو ويو ۽ کيس ڪنهن به طلب ناهي ڪيو.
اپوزيشن به مطالبو ڪيو آهي ته پارليامينٽ ميمبر کي سخت سزا ڏني وڃي.