هونڊا موٽرز پاڪستان ۾ پهرين اپريل کان 15 اپريل تائين آپريشنز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
هونڊا ڪار ڪمپني آپريشن بند ڪندي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آپريشنز بند ڪرڻ جو فيصلو حڪومت طرفان ايل سيز نه کلڻ سبب ڪيو ويو آهي.
خط جي متن موجب ڊالر جي عدم دستيابي سان ايل سيز تي پابندي ۽ ڪچي مال جي گهٽتائي سبب پيداوار بند ڪري رهيا آهيون، ان سموري صورتحال سبب سپلاءِ چين متاثر ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته هونڊا موٽرز 9 مارچ کان 31 مارچ تائين آپريشنز بند ڪيا هئا.