پوڄا پاٺ دوران 35 ڄڻا کوهه ۾ ڪري اجل جو شڪار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ هندو مذهبي تهوار رام نومي جي موقعي تي وڏو حادثو پيش آيو، مندر ۾ کوهه جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا.

رپورٽن مطابق شري باليشور مهاديو جهولي لعل مندر ۾ هڪ کوهه جي ڇت عقيدتمندن جي وزن سبب ڊهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 35 کان مٿي ماڻهو 40 فوٽ اونهي کوهه ۾ ڪري پيا جنهن ۾ 4 فوٽ پاڻي به هو.

رياست جي گهرو وزير نروتم مشرا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شروعاتي طور تي هن حادثي ۾ 14 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي پر بعد ۾ وڌيڪ 21 ڄڻا زخمن جي سٽ نه سهندي اجل جو شڪار ٿيا.

اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثي وقت کوهه جي ڇت تي ويهارو کن ماڻهو موجود هئا.

ياد رهي ته ان کان اڳ رام نوامي جلوس ۾ شريڪ هندو عقيدتمندن مسلمانن تي حملو ڪري ڏنو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.