بلهي شاهه جي درٻار تان پرڏيهي عورت گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) درگاهه حضرت بابا بلهي شاهه جي احاطي مان هڪ پرڏيهي عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عورت جو واسطو آسٽريا سان آهي ۽ سندس سڃاڻپ ايچبيور بيٽنا طور ٿي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت وٽ ملتان جي ويزا آهي، کيس واپس ملتان موڪليو ويندو.

جڏهن ته جاچ ڪئي پئي وڃي ته عورت ملتان کان قصور ڪيئن پهتي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پاڪستان گهمڻ لاءِ آئي هئي پر سڪيورٽي سبب کيس حفاظتي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ذريعن موجب عورت کي حضرت بابا بلي شاهه جو عجائب گهر ۽ درگاهه ڏيکارڻ بعد واپس موڪليو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.