ڪيلو وزن وڌائي ٿو يا گهٽائي ٿو، ماهرن بحث ختم ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيلو هر عمر جا ماڻهو شوق سان کائيندا آهن پر ڪيلو وزن وڌائي ٿو يا گهٽائي ٿو، ان تي بحث هلندو رهندو آهي.

ڪيلي ۾ فائبر، پوٽاشيم، وٽامن بي 6، وٽامن سي، ميگنيشيم ۽ مينگنيز جهڙيون غذائي شيون هونديون آهن.

هڪ تحقيق مطابق فائبر سان ڀرپور غذائون کائڻ سان وزن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي آهي، غذائي حوالي سان هڪ ڪيلي ۾ روزاني جي بنياد تي گهربل فائبر جو 12 سيڪڙو هوندو آهي پر ان سان ڪيلي ۾ شگر، ڪاربو هائيڊريتس به هوندا آهن.

غذائي ماهرن موجب ڪيلي ۾ ملندڙ ڪاربو هائيڊريٽس وزن وڌائڻ م ڪو خاص ڪردار ادا ناهن ڪندا، ڪيلي جو وڌيڪ استعمال وزن وڌائي ٿو پر هڪ ڪيلي سان ميٽابولزم تيز ٿيندو آهي ۽ جسماني صحت بهتر ٿيندي آهي.

ماهر ته ڪيلي کي نيرن ۾ استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا.

ماهر چون ٿا ته پيٽ ٻاهر نڪرڻ واري مسئلي کان بچڻ لاءِ روز هڪ ڪيلو نيرن ۾ کائجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.