”ن ليگ اڄ وري سپريم ڪورٽ کي ڌمڪيون پئي ڏئي، عدليا جي آزادي تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ ن ليگ وري سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اهي چونڊن کان ڊنل آهن.

صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر آئين ۽ قانون کان هٽي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، پاڪستاني فوج منهنجي آهي ۽ پاڪستان اسان سڀني جو آهي، عدليا جي آزادي ۽ آئين تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، آزاد چونڊون ئي سڀني مسئلن جو حل آهن.

هن چيو ته جمهوريت لاءِ تحريڪ انصاف آخري حد تائين ويندي، وڪيلن جي تحريڪ ۾ سڄي قوم انهن سان گڏ هوندي، مضبوط پاڪستان لاءِ مضبوط فوج انتهائي ضروري آهي، قومي ادارن جي مضبوطي پهرين ترجيح آهي.

سندس موجب چاهيان ٿو ته قوم ضرورت پوڻ تي آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ روڊن تي نڪري، اسان انهن سڀني سياسي جماعتن سان ڳالهائينداسين، جيڪي ان سازش خلاف بيهڻ لاءِ تيار آهن، وڪيل برادري کي اپيل آهي ته آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اڳتي اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.