راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي ارشاد الله شهادت ماڻي، 29 ورهين جي سپاهي جو واسطو ڪرڪ ضلعي سان آهي.