سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه کي بريڪ نه لڳي سگهي ۽ اڄ به ان جي قيمت ۾ واڌ سامهون آئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ 700 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو 2 لک 8 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 601 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 78 هزار 927 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر واڌ سان 1981 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.