دبئي (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سڌي ريت ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي.
نيوزيلينڊ هٿان 3 ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 تان شڪست کانپوءِ سريلنڪن ٽيم آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سڌي ريت شرڪت کان محروم ٿي وئي.
سريلنڪا آخري 5 ون ڊي ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏٺو آهي ۽ سريلنڪن ٽيم کي سپر ليگ جي 8 مان 7 ميچن ۾ شڪست ٿي.
آءِ سي سي قانونن موجب ٽاپ 8 ٽيمون ورلڊ ڪپ لاءِ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري ويون آهن، جڏهن ته ٻيون ٽيمون جولاءِ ۾ زمبابوي ۾ ٿيندڙ ڪواليفائر کيڏنديون.