مفت اٽي وٺڻ لاءِ آيل ڏھن ماڻھن جي موت جو ذميوار ڪير آھي ؟  

ملڪ ۾ سياسي معاشي ميدان ۾ جيڪي بحران جاري ھئا، انھن آھستي آھستي ٻين شعبن ۽ ادارن ۾ پڻ پنھنجو اثر ظاھر ڪرڻ شروع ڪيو آھي،حڪومت جي ڪوششن باوجود نھ ملڪ ۾ سياسي استحڪام آيو آھي نھ ئي وري معاشي ميدان ۾ ڪا وڏي ڪاميابي نصيب ٿي آھي،بلڪھ ڪيترائي ئي ٻيا بحران بھ ڪر کڻي رھيا آھي.

موجوده حڪومت جي ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۾ عوام کي اٽي ۾ لوڻ برابر رليف ڏيڻ جي ڪوشش ۾ وڏو ڪارنامو رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ مفت اٽو فراھم ڪرڻ آھي،جنھن دوران ھڪ ھفتي ۾ڏھن  جيئرن جاڳندن انسانن کي زندگيءَ تان ھٿ ڌوئڻا پيا آھن ان سان گڏ ان بدانتظامي جي ڪري 50 کان وڌيڪ انسان زخمي ٿيا آھن، سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ملڪ جي سڀني کان وڏي سياسي اتحاد جي ھي حڪومت عوام کي صرف ھڪ ترتيب ۽ ماڻھپي واري طريقي سان اٽو بھ ڇو ڏئي نٿي سگھي ؟ جڏھن تھ ھن ئي ملڪ ۾ اھڙا ڪيترائي غيرسرڪاري ادارا ڀلائي جا ڪيترائي ئي ڪم ڪري رھيا آھن،جيڪي ھڪ حڪومت جي مقابلي ۾ بھتر انتظامن سان ماڻھن جي مدد ڪري رھيا آھن.

اھو انتھائي افسوس جو مقام آھي، وري  ھن ھيڏي ساري انساني المئي تي سمورا  ادارا ۽ لاڳاپيل کاتا بھ خاموشي اختيار ڪري ويھي رھيا آھن، ميڊيا جي رپورٽس موجب پنجاب صوبي جي ضلعن ساهيوال، بهاولپور،مظفر ڳڙهه ۽ اوڪاڙا ۾ مفت اٽي جي ورڇ  وقت ماڻھن ۾ ڀاڄ سبب هڪ پيرسن عورت ۽ هڪ شخص فوت  ٿي ويا ۽ 45 عورتن سميت 56 ماڻهو زخمي ٿي پيا آھن.

ساهيوال ۾ عورتن جو چوڻ آھي ته ماڻهن جي رش تھ هئي،پر صورتحال پرسڪون هئي، ان دوران جيئن ئي سول  لائنز جي پوليس مرڪز پھچڻ سان ئي شهرين سان بدتميزي ۽ لٺبازي شروع ڪري ڏني، ان ڪري ماڻھن ۾ڀاڄ پئجي وئي، اتي موجود ماڻھن جو چوڻ آھي تھ انتظاميا جي ايپ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو. ڊگهي قطارن  ۾ موجود ماڻھن ۾ بي چيني پکڙجي رھي ھئي، جن ڪجھھ گوڙ ڪرڻ  شروع ڪري ڇڏيو، پوليس عورتن کي چماٽون ھنيون۽ ڌڪا ڏنا.جنهن تي هجوم مڇرجي پيو ھو.

پنجاب جي نگران وڏي وزير عورت جي موت جو نوٽيس وٺندي  واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. رحيم يار خان ۾ مفت اٽو وٺڻ لاءِ آيل 73 ورهين جو محمد انور رش سبب هيٺ ڪري زخمي ٿيو بعد ۾ اسپتال ۾ دم ڏنو، مظفرڳڙهه ۾ اٽي واري مرڪز ۾ ماڻهن جي ھجوم سبب بينڪوئٽ هال جي ڀت ڪرڻ سان7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 4 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس اتي بھ لٺبازي ڪئي، اوڪاڙا جي علائقي ديپالپور ۾ اٽي جي مرڪز تي 4 عورتون زخمي ۽ 2 بيهوش ٿي پيون.گڏ ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ حڪومت پاران  مفت اٽي ورھائڻ واري اسڪيم دوارن  ملڪ ۾ هفتي دوران 10 ماڻهون حياتيون وڃائي چڪا آھن.

رمضان  مبارڪ جي مهيني ۾ ماڻهو اٽي لاءِ جان جوکي ۾ وجهي رهيا آهن، ساهيوال ۾ ٻن عورتن جي جان هلي وئي، 45 عورتون ڀاڄ سبب ماڻھن جي پيرن هيٺيان لتاڙجي زخمي ٿي چڪيون آهن، ملتان،مظفر ڳڙهه، بنون، چارسدا توڻي ميرپورخاص ھر ھنڌ مفت يا سستي اٽي جو ڏکيو، مشڪل ۽ بدانتظامي جو شڪار ٿيو آھي.

غربت،مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب روزانو سحري کانپوءِ هزارين ماڻهو قطارن ۾ لڳي اٽو حاصل ڪرڻ چاھين ٿا،اھڙن مرڪزن تي ماڻھن جي ميڙ گڏجڻ سان  انتظاميا معاملن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ڏسڻ ۾ اچي ٿي.بدقسمتي سان سموري ملڪ ۾ اھڙي بدنظمي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جو ڪٿي بھ بھتر نموني اھو خير جو ڪم انجام نھ پيو ڏنو وڃي.جيتوڻيڪ حڪومت جا وزير مشير ۽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ عوام جي خدمت جو راڳ ڳائيندي نٿا ٿڪجن پر ان جي ابتڙ عملي ميدان تي حڪومت جي انتظامن تحت جيڪو ڪجھھ ڏسڻ ۾ اچي ٿو اھو سڀ افسوسناڪ عمل آھي.  پنجاب جي شهر حاصل پور ۾ پوليس اٽو وٺڻ لاءِ آيل شهرين تي ڪاھھ ڪندي، روزيدارن تي ڏنڊا وسايا، پيرسن ماڻهن کي بھ ڊيرا غازي خان ۾ نگران وڏي وزير مفت اٽي واري مرڪز تي بدنظمي واري ڏوھھ ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۾ حڪومت پاران اٽي حاصل ڪرڻ لاءِ صبح سان ئي ماڻھن جي ھجومن مان ثابت ٿي رھيو آھي تھ ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري توڙي غربت عام ماڻھو کان زندگيءَ جو سمورو لطف ڦري ورتو آھي،ان کان ٻيو ڪھڙو  الميو ھوندو جو ماڻھو اٽي لپ جي لاءِ پنھنجي حياتي وڃائي رھيا ھجن.

شايد ئي ڪو رمضان ھجي جنھن ۾ اسان جي ملڪ ۾ عوام جي ڀلائي،غريبن جي خدمت، عام ماڻھن جي علاج سميت ھر شعبي ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري ادارا،اين جي اوز ۽ ان سان گڏ سرڪاري ادارا عوام ماڻھن کان چندو حاصل نھ ڪندا ھجن، ان مقصد جي لاءِ زڪوات جي مد ۾ سرڪار بھ وڏو فنڊ گڏ ڪري ٿي. ائين بھ ناھي تھ انھن ادارن ،اين جي اوز، غيرسرڪاري ادارن جو ڪو ڪم ناھي، يقينن ھن ئي ملڪ ۾ عبدالستار ايڌي ڪم ڪيو ھو، ڊاڪٽر اديب رضوي جو ادارو پڻ ڪم ڪري رھيو آھي، ان کانسواءِ بھ ڪيترائي ئي سماجي ادارا، مذھبي ادارا ۽ ڪميونٽي ادارا ڪم ڪري رھيا آھن، اھي بھتر ڪم بھ ڪري رھيا آھن، پر ان جي آڙ ۾ ھڪ وڏو انگ اھڙن ادارن جو بھ آھي جيڪي رڳو ڪاعذن ۾ موجود آھن، اھي بھ ھن ڀلاري مھيني ۾ چڱي سيزن ڪمائي ٿا وڃن.ان ھوندي بھ غربت جنھن انداز سان وڌي رھي آھي ان جو ڪو توڙ ناھي.

ڇا حڪومت ڪو اھڙو مڪينزم جوڙيندي جنھن سان ملڪ مان حقيقي معنيٰ ۾ بک،بدحالي۽ غربت جي پاڙي پٽجي سگھي ؟ ڇا حڪومت ھڪ ھفتي اندر ڏھن ماڻھن جي فوت ٿيڻ بعد ڪو اھڙو طور طريقو ترتيب ڏيندي جنھن سان ڪنھن شھري جي وقار کي ڇيھو رسڻ کان سواءِ انتظاميا ان جي جوڳي مدد ڪري سگھي؟ حڪومت ۾ موجود ٽيڪنوڪريٽ يا وري انتظاميا ۾ موجود اعليٰ تعليم حاصل ڪيل ماھر پڻ ان ۾ ناڪام ٿي رھيا آھن ؟ اصل مسئلو اھو ناھي پر اصل مسئلو ھي آھي تھ غريب ماڻھو جي حياتي ڪنھن بھ سرڪار وٽ اھيمت نٿي رکي جيڪڏھن ائين ناھي تھ پوءِ حڪومت انھن ڏھن ماڻھن جي موت جي لاءِ ڪنھن کي ذميدار سمجھي ٿي ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.