سنڌو درياءَ مٿان داسو ڊيم ۽ سنڌ جو استحصال

شھزاد علي سومرو

سڄي دنيا اندر جتي دريائن کي وڏي احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آھي، جتي دريائن سان ماڻھن جا احساس جڙيل ھجن ٿا جتي ماڻھو دريائن کي پنھنجي جياپي جو ذريعو سمجھن ٿا ۽ انھن کي پنھنجي احساس سان جوڙي رکن ٿا. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن منجھه اڄ به دريائن کي مذھبي حوالي سان ھڪڙي مقدس نظر سان ڏٺو وڃي ٿو اتي اسان جي ھن ملڪ اندر دنيا جي وڏن دريائن منجھان سنڌو درياءَ جيڪو ھڪڙي الڳ تاريخ ۽ رکي ٿو. دنيا جي وڏين وڏين تھذيبن منجھان ھڪ جڳ مشھور تھذيب موھن جو دڙو به ھن ئي درياءَ تي موجود آھي. ھاڻي جڏھن ڪجھه ماضي قريب تي نظر ڊوڙائي ڏسنداسين ته خبر پوندي گذريل ڪجهه عرصي ۾ ڪيئن سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ کي گھٽايو پيو وڃي يا ويجھو ئي ھاڻي داسو ڊيم جي نالي پروجيڪٽ اندر ڪيئن ھاڻي سنڌوءَ جي لنگھن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي .

ويجهڙ ئي خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪوھستان ۾ سنڌو درياءَ جي مٿانھن واپڊا طرفان ھڪ نئون ڊيم ”داسو ڊيم“ جي نالي سان قائم ڪيو پيو وڃي. جيڪو ھڪڙو ھائيڊرو اليڪٽرڪ ڪشش ثقل وارو ڊيم آھي. جيڪو منصوبو بجلي تيار ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آھي، جنھن مان ڪل ملائي ڪري لڳ ڀڳ پنج ھزار ميگاواٽ بجلي تيار ڪئي ويندي.ھن ھائيڊرو اليڪٽرڪ پاور پراجيڪٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه جي پاڻي جو روخ موڙي، ان کي داسو ڊيم ڏانھن منتقل ڪرڻ اول شرط آھي.جنھن ۾ پروجيڪٽ ٽيم پھرين مرحلي ۾ رخ موڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي. ٻڌايو وڃي پيو ته پھرين مرحلي ۾ واپڊا ھن پاور پروجيڪٽ مان 2161ع بجلي تيار ڪندي جيڪي 2026ع تائين مڪمل تيار ۽ استعمال جي قابل ٿي ويندي.درياهه جو روخ موڙڻ لاءِ ٻه ٽيونلس رکيا ويا آھن، جنھن مان ھڪ مڪمل ٿي ويو آھي جنھن جي ڊيگھه 1.33 ڪلوميٽر، چورس 20 ميٽر ۽ 23 ميٽر اوچائي آھي. ٻيو ٽيونل به اپريل تائين تيار ٿي ويندو.

ھيءَ پروجيڪٽ 2017ع ۾ شروع ڪيو ويو ھو پر فنڊنگ ۽ زمين جي تڪرار سبب رڪيل ھو وري 2019ع زمين جي چونڊ ۽ فنڊنگ ٿيڻ ڪري شروع ڪيو ويو. ھن منصوبي لاءِ ورلڊ بئنڪ 700 ملين جو قرضو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آھي.ھتي ٽيونل ڏيڻ جو مقصد آھي ته درياءَ جو روخ موڙي اتي پاڻي  روڪڻ لاءِ ڊيم ٺاھجي ان کان بعد اصل پروجيڪٽ جي شروعات ٿيندي ۽ چيو وڃي پيو ته ھن منصوبي جو مقصد صرف ھڪ آھي ته بجلي تياري ڪئي وڃي.

پر ڏٺو وڃي ته بظاھر ته اھو ٻڌايو پيو وڃي ته ھن منصوبي جو مقصد صرف بجلي تيار ڪرڻ آھي. پر ھميشه وانگر ھي عمل پڻ سنڌ جي پاڻي جي حصي سان ھٿ چراند جي سلسلي جي ھڪ ڪڙي مثل آھي. ماضي ۾ به سنڌو درياءَ مٿانھن ڪيترائي ڊيم اھو چوي ٺاھيا ويا آھن ته ان سان اسان پاڻي جي بچت ڪنداسين جيڪو پاڻي اسان ضرورت وقت استعمال ڪنداسين. ۽ پوءِ ان جو نتيجو اسان جي سامھون آھي ته ھي پورو پاڻي ڊيم ۾ پوئتي ذخيرو ڪندا آھن ۽ سنڌ جون زمينون پاڻي جي ڍڪ لاءِ پيون ترسنديون آھن.نتيجي ۾ سنڌ جي زراعت تباھ لڳي پئي آھي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پڻ بنجر بڻيل آھي . ڊيمن اندر ذخيري ڪيل پاڻي سنڌ ڏانھن تڏھن ڇوڙ ڪيو ويندو آھي. جڏھن پنجاب وٽ پاڻي گھڻو ٿي ويندو آھي، ۽ اھو پاڻي سنڌ اچي ٻوڏ ۽ تباھي جو سبب بڻجندو آھي. ھڪڙي رياست اندر رھندي پنجاب ٻٽي پاليسي اختيار ڪيو اچي ته يا سنڌ کي ٻوڙڻو آھي يا وري پاڻي ڍڪ لاءِ تڙپائيڻو آھي.پورو سال سنڌ پاڻي لاءِ ترسي ٿي سنڌ جو آبادگار ھڻان وڻان خرچ ڪري مھانگا ڊيزل وٺي فقط ڪجھه ايڪڙ زمين پنھنجي پيٽ گذر لاءِ لاءِ ئي ڪاھي ٿو، ڇو جو پوکي جي وقت جڏھن سنڌ پاڻي لاءِ ترسندي آھي تڏھن پنجاب ۾ چشما، جھلم، تونسا ۽ پنجند ڌڙا ڌڙ وھندا پيا آھن.ان کان علاوه تربيلا ڊيم جيڪو 1976ع ۾ تيار ٿيو ان ۾ ڪل 9 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي ٿو جيڪو پڻ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو وڏو سبب بڻجي ٿو.

ھي سلسلو رڳو ھتي ختم نٿو ٿئي بلڪـ پنجاب جا حڪمران مستقبل لاءِ پڻ پاڻي تي قبضي لاءِ نوان نوان منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھن. جنھن ۾ پھرين  ڀاشا ڊيم جي تڪميل  2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ، جيڪو 7 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪندو. ٻيو اسڪردو ڊيم جيڪو 21 ميلن ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪندو ۽ ان کان علاوه گريٽر ٿل ڪئنال سميت چوبارا ۽ جلال پور ڪئنال جھڙا منصوبا پڻ شامل آھن.  ھن نئين اڏجندڙ ڊيم داسو ڊيم سان سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي،  جڏھن چڱي ريت ڏسبو  ته داسو ڊيم مان ٺھندڙ بجلي يا ٻين ڊيمن ۾ ذخيرو ڪيل پاڻي ڪڏھن به سنڌ يا سنڌين جي فائدي لاءِ  ڪم ناھن آيا. ھي ڊيم سنڌو جي پاڻي جي قدرتي وھڪرن کي روڪي بڻايو پيو وڃي ان ڪري داسو ڊيم پڻ ھڪ غير انساني عمل آھي. ھي ڊيم ڪڏھن به سنڌ جي مفاد لاءِ ڪارآمد نه رھيا آھن ۽ نه ئي وري رھندا. ان ڪري سنڌي ماڻھن کي گھرجي ته حڪمرانن توڙي پنجاب جي ھلندڙ قبضاگير منصوبن جي ڀرپور مخالفت ڪجي . ھر ڊيم توڙي اھو اسڪردو ڊيم ھجي ڀاشا ھجي يا وري بجلي جي مقصد لاءِ جڙندڙ داسو ڊيم جي مخالفت ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ڇاڪاڻ ته ھي مسئلو ڪو عام مسئلو نه بلڪ سنڌين جي وجود لاءِ خطري مثل آھي. ھي انتھائي سنگين قومي مسئلو آھي.آئي ڏينھن نوان نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھڻ سان سنڌ جي زراعت تباهه ٿيندي، سنڌي ماڻھو پاڻي ڍڪ لاءِ ترسندو ۽ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه پھچڻ ڪري سمنڊ اڃا به وڌيڪ زمين ڳڙڪائيندو.

دريائن جي فطري وھڪرن کي روڪي ڊيم اڏڻ ھڪ غيرقانوني ۽ غيرانساني عمل آھي. جيڪا ڳالهھ عالمي ليول تي پڻ تسليم ڪئي وڃي ٿي. اسان سمجھون ٿا سنڌو درياءَ مٿان تعمير ٿيندڙ ڪھڙو به  ڊيم ھجي ۽ ڪھڙي به مقصد لاءِ ٺاھيو وڃي.اھو ڊيم سنڌ جي درياهه جيڪو سنڌين جي جياپي جو وسيلو آھي مٿانھن غيرقانوني ڌاڙي مثل آھي. سنڌ جي پاڻي تي مسلسل رڪاوٽ پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ  سنڌي عوام ۽ سندن قومي ۽ آئيني حقن جي مٿانھن عالمي قانونن جي خلاف ورزي موجب ھڪڙو وار آھي. جنھن سان سنڌ جي زراعت ماحوليات ۽ انسان کي وڏو نقصان رسندو. ان ڪري ھي وقت آھي، ھنن مسئلن تي پنھنجا سڀ سياسي ويڇا وساري ھر سنڌي ھنن سازشن خلاف سراپا احتجاج بڻجي آواز اٿاري ۽ سنڌو درياهه جي قدرتي لنگھن جي بحالي لاءِ جدوجھد ڪجي. نه ته پوءِ ھميشه جيان اسان پنھنجي حقن تي ڌاڙي جي جبر ۽ استحصال ھيٺ پيا پيڙھجنداسين ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ھن مان نجات وڏي مشڪل ٿي ويندي.

ڏسبو سنڌ جي گھڻي ڀاڱي آبادي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ رھي ٿي ۽ انھن جي گذر جو اھم ذريعو زراعت آھي. جيڪا درياءَ ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري ڏينھن و ڏينھن بربادي ڏانھن پئي وڃي ۽ سنڌ جو زمينون لڳاتار غير آباد پيون ٿين ۽ سنڌ جو عام ماڻھو معاشي طور تي پوئتي پيو ٿيئي ۽ ماڻھن جو جيئڻ جنجال پيو ٿيندو وڃي. ھن سڄي صورتحال ۾ جتي درياءَ اندر پاڻي ناھي ماڻھو گذر معاش لاءِ پريشان آھن.

جتي سمنڊ ۾ پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ برابر آھي جنھن سبب سمنڊ ھزارين ايڪڙ ساحلي پٺي ڳڙڪائي چڪو آھي ھزارين ماڻھو لڏ پلاڻ جي ڪري پنھنجا اجھا ڇڏي چڪا آھن جتي ماهيگيرن لاءِ ھزارين مشڪلاتون پيدا ٿي پيون آھن،  اتي سنڌو درياءَ تي وري ھڪ ٻيو نئون منصوبو اڏڻ ۽ درياءَ جا رخ موڙڻ ھڪڙي نئين سازش آھي سنڌ جي ماڻھن سان ويڌن آھي. اھڙي صورت حال اگر رھي ته جلد ھي اسان جو تاريخي ورثو ختم ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.