خالصتان تحريڪ

خليق ميمڻ

گذريل هفتي 20 مارچ واري ڏينهن جڏهن برطانيا جي شهر لنڊن ۾ هندستان سان تعلق رکندڙ سکن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي هندستان جي لنڊن ۾ موجود سفارتخاني مٿان لڳل هندستاني جهنڊي کي لاهي خالصتان تحريڪ جو جهنڊو هڻڻ جو ڪوشش ڪئي ته خالصتان تحريڪ وارو معاملو وري دنيا آڏو تازو ٿي اڀري آيو. هندستان اندر ته خالصتان تحريڪ وارو معاملو وڏو اهميت وارو رهيو آهي. پر هاڻي ان تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهو دنيا آڏو پڻ ان جي اهميت کي ظاهر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

خالصتان تحريڪ جي مختصر تاريخ

جڏهن قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ آل انڊيا مسلم ليگ لاهور ۾ پنهنجي قرارداد پيش ڪئي هئي (جنهن کي اڄ اسين قرارداد پاڪستان سڏيون ٿا) ته ان جي جواب ۾ سکن جي اڳواڻ ڊاڪٽر وير سنگهه ڀٽي هڪڙو پمفليٽ ڇپرائي ورهايو هو، جنهن ۾ سڀ کان پهرين خالصتان لفظ جو استعمال ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ مختلف تنظيمن جڏهن به هندستان ۾ رهندڙ سکن جي حقن يا حق خودمختياري جي ڳالهھ ڪئي آهي ته اتي خالصتان لفظ استعمال ڪندي ڪئي آهي. ان وقت خودمختياري مان مراد هندستان اندر خودمختيار رياست هئي نه ڪي آزاد ملڪ خالصتان. اهڙا مطالبا ستر جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه سکن جون تنظيمون ڪنديون رهنديون هيون، جن ڪيترن ئي نوجوانن کي پڻ ان مطالبي کي مڃرائڻ لاءِ تيار ڪيو هو. جنهن کي هندستان جي تڏهوڪي وزيراعظم انڌرا گاندي ملڪ خلاف بغاوت ڄاڻائيندي امرتسر ۾ سکن جي وڏي گردواري (گولڊن ٽيمپل) مٿان آپريشن بلو اسٽار ڪرائي خالصتان تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو آپريشن جي ڪجهه مهينن اندر ئي هڪ  سک اندرا گانڌي کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو.

بلو اسٽار آپريشن کان پوءِ سکن جو موقف هندستان اندر خودمختيار رياست مان بدلجي آزاد رياست وارو مطالبو واضح ٿي پيو. هن وقت جيڪي به خالصتان جي حمايت ڪري رهيا آهن انهن جو مقصد اهو ئي آهي ته کين هڪ ملڪ خالصتان گهرجي. جنهن جي هندستاني الهه پنجاب ۾ رهندڙ ۽ لکين ٻين ملڪن ۾  رهندڙ سک  مختلف طريقن سان ڪوششون ڪري رهيا جنهن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي وقت بوقت يادگيري طور مطالبو ڪرڻ. مختلف ملڪن ۾ لابنگ ڪرڻ. گڏيل قومن وانگي ٺهيل تنظيم يو اين پي او (هي تنظيم اهڙن قومن کي ميمبر ڪري ٿي جيڪي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهن) ۾ شامل ٿيڻ سميت هندستان اندر توڙي ٻين ۾ احتجاج ڪرڻ شامل آهن.

خالصتان تحريڪ جو پاڪستان مٿان الزام

هندستاني حڪومت خالصتان تحريڪ جو الزام هميشه پاڪستان مٿان هڻندو رهيو آهي جڏهن 1981ع ۾ خالصتان جي حامي پنجن سکن هندستان مان جهاز هاجيڪ ڪري لاهور آندو هو ته پاڪستان جي حڪومت عملي ڪارروائي ڪري هاجيڪرن کي پڪڙائي هندستان حوالي ڪري ڇڏيو هو. البته ضياءُ الحق جي اقتدار جي شروعاتي سالن ۾ خالصتان تحريڪ جي کليل نموني حمايت ڪندي نظر آيو پر جڏهن خالصتان تحريڪ جي اڳواڻن پاران خالصتان جو نقشو ظاهر ڪيو تڏهن ان نقشي ۾  پاڪستان جا پڻ ڪجهه حصا شامل هيا، جنهن کان پوءِ پاڪستاني حڪومت پنهنجو موقف مٽائيندي انهن مٿان پڻ نظر رکڻ شروع ڪئي. جڏهن 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ٺهي ته هن پڻ حميد گل کي سکن سان رابطو ڪري بهتر لاڳاپو رکڻ جو چيو ۽  کيس چيو ته سکن سان تعلق بهتر ڪري انهن کان معلومات وٺي. جيڪا معلومات بعد ۾ چيو ويندو آهي ته محترمه اعتزاز احسن جي ذريعي راجيو گاندي جي حوالي ڪئي هئي ۽ ان کان پوءِ راجيو گاندي خالصتان تحريڪ کي ختم ڪرڻ ۾ گهڻي حد تائين سوڀارو ٿيو  پر خالصتان جي آزادي جي تحريڪ اڃان هلي رهي آهي پر هاڻي لڳي ائين ٿو ته وڌي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.