ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سنڌ جي حڪمرانن جي حوالي سان چيو آهي ته هاڻي هنن اهو ڪم رٿيو آهي ته سموري سنڌ جا اربين رپيا لٽي ۽ کپائي رڳو اسيمبلي ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي تي تقرير ڪرڻي آهي.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو سرڪار ۽ وڏيرن تي ڪڙڪي پيو، هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ ائين ڪڏهن ڪونه ٿيندو هو جو سنڌ جا روڊ رستا تباهه هجن، روزگار نه هجي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي سنڌين کي پنايو وڃي، رستن تي لاش ملي رهيا آهن هي سڀ هن دور ۾ ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته نثار کهڙو چوي ٿو ته بنگالي ڀائر آهن ۽ افغانين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏنا پيا وڃن جڏهن ته سنڌ کي لٽي رڳو اجرڪ ۽ ٽوپي تي ڳالهائي اهو چيو پيو وڃي ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.