ماڻهو چوندا هئا اُس ۾ کيڏي ڪاري ٿي ويندي ۽ شادي لاءِ سٺو ڇوڪرو نه ملندو: ثانيا مرزا

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته عورتن کي اڳتي آڻڻ ۾ انهن جي خاندان جي کليل ذهن وارن مردن جو وڏو ڪردار هوندو آهي.

هڪ ٽي وي شو ۾ ثانيا مرزا عورتن کي راندين جي ميدان ۾ پيش چئلينجن تي ڳالهائيندي چيو ته انهن کي اڳتي آڻڻ ۾ خاندان جي کليل ذهن وارن مردن جو هڪ وڏو ڪردار هوندو آهي، جنهن کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو آهي.

هن چيو ته جيئن هڪ ڪامياب مرد پويان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي، ائين ئي ڪامياب عورت پويان مرد جو هٿ هوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته جڏهن مان کيڏڻ شروع ڪيو ته ماڻهو ماءُ کي چوندا هئا اُس ۾ کيڏڻ سان توهان جي ڌيءَ ڪاري ٿي ويندي ۽ ان کي شادي لاءِ سٺو ڇوڪرو نه ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.