نوشهري فيروز ۾ فيڊر ايسوسي ايشن سنڌ جي سڏ تي استادن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو
اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن کي سروس بُڪ، اسڪيل، پينشن ۽ ٽن مهينن جون رهيل پگهارون نه ملڻ خلاف خان محمد، عبدالغفار ڏيٿو، مبين راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ايوان صحافت اڳيان احتجاج ڪيو ويو
ان موقعي تي استادن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ارڙهن سالن کان ايمانداري سان تعليم ڏيندڙ استادن کي پڪو ڪرڻ بدران سندن پگهارن ۾ معمولي واڌ ڪئي وئي آهي جيڪا هڪ ناجائزي آهي
مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته استادن کي پينشن کان محروم رکڻ سميت اسڪيل نه ڏئي ساڻن زيادتي ڪئي پئي وڃي، اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس استادن جا جائز مطالبا قبول نه ڪيا ته وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو
نوشهري فيروز ۾ اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
You might also like