ميهڙ ۾ چوڏهن ڏينهن اڳ قتل ٿيل پورهيت جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ميهڙ ۾ چوڏهن ڏينهن اڳ قتل ٿيل پورهيت جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
مقتول پورهيت نياز ڪولاچي جي وارثن سندس امڙ جنت خاتون، ڀاءُ محمد اسلم ڪولاچي، مسمات ڪوڙي ۽ معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪري جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو
ان موقعي تي متاثر ڪٽنب صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پورهيت نياز ڪڻڪ جي ديري تي ستل هو، جوابدار ڪڻڪ چورائي رهيا هئا، روڪڻ کي پورهيت کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو
هنن چيو ته ٿاڻي تي ڪيس داخل هئڻ باوجود پورهيت جا قاتل جوابدار حمزو، زبير، ذوالفقار، سمي کوسو ۽ ٻيا سري گهمي رهيا آهن پوليس سندن خلاف ڪاروائي نٿي ڪري.
مظاهرين ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو سميت ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته پورهيت جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.