روز ٽي انڊا کائڻ جا صحت تي پوندڙ پنج وڏا اثر

انڊن جو استعمال خاص ڪري صبح جو ناشتو وقت گهڻو ٿيندو آهي، باقي منجهند توڙي رات جو انڊن کي مختلف صورتن ۾ پچائي کائي سگهجي ٿو.

عام طور تي انڊا کائڻ واري عادت کي صحت لاءِ ناڪاري اثر ڏيندڙ سمجهيو ويندو آهي. ماڻهو گهڻي قدر انڊن ۾ موجود سڻڀ، ڦڪي زردي ۾ موجود ڪوليسٽرول جو مقدار ۽ انڊي ۾ هارمونز بابت ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهن.

پر حقيقت اها آهي ته انڊو توهان جي صحت جي لاءِ تمام ضروري ۽ اهم خوراڪ آهي. نه رڳو ايترو پر توهان هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيترائي انڊا به کائي سگهو ٿا جنهن سان نقصان نه پر فائدا ئي ٿيندا.

سخت ۽ اوٻاريل انڊي ۾ وٽامن اي، فوليٽ، وٽامن بي پنج، وٽامن ٻارهن، وٽامن بي ٽو، فاسفورس، سيلينيم ۽ وٽامن ڊي، اِي، ڪي، بي ڇهه، زنڪ ۽ ڪيلشيم جو به ججهو مقدار موجود هوندو آهي.

 اندا پروٽين ۽ صحتمند سڻڀ سان به مالامال هوندا آهن جنهن جي توهان کي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن توهان هڪ ڏينهن ۾ رڳو ٽي انڊا کائو ٿا ته توهان جي صحت تي ڪيترا سُٺا اثر پوندا اڄ اسان اوهان کي هن ليک ۾ ٻڌائينداسين.

سُٺو ڪوليسٽرول (ايڇ ڊي ايل) وڌي وڃي ٿو

عام طور تي ماڻهو انڊن ۾ خراب ڪوليسٽرول هجڻ جون ڳالهيون ڪندا آهن پر توهان جي جسم کي اهڙي ڪوليسٽرول جي به ضرورت هوندي آهي جيڪو انڊن ۾ هجي ٿو، انهن ۾ سُٺو ڪوليسٽر مناسب مقدار ۾ هوندو آهي تنهنڪري انڊن جو لڳاتار استعمال توهان جو ايڇ ڊي ايل وڌائيندو آهي، اهڙي ريت توهان جي جسم ۾ موجود خراب ڪوليسٽرول کي به ختم ڪري سگهجي ٿو.

دل جون بيماريون

انڊن جي ڪري توهان جي جسم ۾ صحت لاءِ سٺو ڪوليسٽرول ٺهندو آهي جڏهن ته خراب ڪوليسٽرول ختم ٿي ويندو آهي جنهن جي ڪري توهان دل جي بيمارين کان محفوظ رهندا آهيو. تحقيق موجب خراب ڪوليسٽرول جو تعلق عام طور تي خراب دل سان هوندو آهي. اهو توهان جي دل جي بيمارين ۾ مبتلا ڪندو آهي. جڏهن توهان انڊا کائيندا آهيو ته دل جي بيمارين جا خطرا پنجاهه سيڪڙو تائين گهٽجي ويندا آهن.

هڏن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مددگار

ماضي ۾ انڊن کي انسان جي هڏن جي لاءِ خراب سمجهيو ويندو آهي، پر هاڻوڪي دور ۾ ٿيندڙ تحقيقن اهڙي مهاورن کي مٽائي ڇڏيو آهي. ان جي موجب توهان جيڪا پروٽين کائيندا آهيو ان جو مقدار ۽ توهان جي جسم وچ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. جانورن جي پروٽين حقيقت ۾ ڪيلشيم کي برقرار رکڻ ۽ جذب ڪرڻ ۾ توهان جي مدد ڪندي، انڪري توهان جي هڏن جي مضبوطي جو سبب بڻبي آهي.

دماغ جي صحت لاءِ بهترين

انڊن ۾ موجود ڪولائين اسان جي دماغ جي واڌ ويجهه جي لاءِ بهتري هوندو آهي. ڀلي پوءِ ننڍا ٻار هجن يا نوجوان توڙي وڏي عمر جا ماڻهو انهن لاءِ اهو هڪ جيترو ئي فائديمند هجي ٿو. روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ انڊو کائڻ سان توهان جي يادداشت تيز ٿيندي آهي ۽ اهو انڊي ڪهڙي به صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، ڀلي اهو اٻاريل هجي، فرائي هجي يا آمليٽ هجي.

اکين جي صحت کي بهتر ڪري ٿو

انڊا ليوٽين ۽ زيئيگزانٿن سان ڀرپور هوندا آهن. اهي اينٽي آڪسيڊنٽس هجڻ جي ڪري اکين کي به صحتمند رکڻ ۾ وڏي مدد ڏيندا آهن خاص ڪري وڌندڙ عمر واري عمل دوران وڏا مددگار ثابت ٿين ٿا. اينٽي آڪسيڊنٽس اک جي ريٽينا ۾ گڏ ٿيندا آهن، اهي اهڙي ناڪاري عملن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا جيڪي اکين کي متاثر ڪندا آهن. جڏهن توهان لڳاتار انڊا کائيندا آهيو ته توهان ۾ موتيي جو مرض ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.