ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ سماجي تنظيم پاران غريب روزائتن لاءِ سستي فروٽن جو اسٽال جو اسٽال لڳايو ويو
بزم خدمت پاڪستان ۽ مياڻه يوٿ ويلفيئر پاران لياري جي چيل چوڪ واري علائقي ۾ سستي فروٽن وارو اسٽال لڳايو ويو آهي جتي غريب ماڻهن کي مارڪيٽ کان گهٽ اگهن تي فروٽ ڏنا وڃن ٿا
ان حوالي سان بزم خدمت پاڪستان جي چيئرمين محمد حارث، محمد شهزاد ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غريب روزائت مهانگي اگهن تي ميوا نٿا وٺي سگهن، انهن کي رليف ڏيڻ لاءِ سستي فروٽن جو اسٽال لڳايو آهي
هنن چيو ته اسٽال تي غريب ماڻهن کي مارڪيٽ جي اگهن کان گهٽ اگهن تي فروٽ ڏنا وڃن ٿا ته جيئن اهي به پنهنجي ٻارڙن سان سُٺي افطاري ڪري سگهن..
ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ سماجي تنظيم پاران سستي ميون جو اسٽال لڳايو ويو
You might also like