هنن 5 تجويزن تي عمل ڪري توهان خود اعتمادي حاصل ڪري سگهو ٿا

 

جيڪڏهن توهان ڪو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن سبب جي ڪري ناڪام آهيو ته ڇا ان جو ذميوار پاڻ کي قرار ڏيندئو؟

توهان ”خود اعتمادي“ لفظ ته ضرور ٻڌو هوندو، جنهن جو مطلب ايمان يا يقين آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي زندگي ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ تان اعتماد وڃائي ويهندا آهن، اهي پاڻ تي يقين ناهن رکي سگهندا.

ڪيترن ئي ماڻهن وٽ تعليم، ڊگري، مهارت، تجربو هوندو آهي پر ان باوجود اهڙن ماڻهن جو وڏو انگ پنهنجي خواهش موجب ڪاميابيءَ جي منزل ناهي ماڻي سگهندو.

اهڙن ماڻهن ۾ خود اعتمادي جي کوٽ عملي ميدان ۾ ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجندي آهي.

اچو ته ڄاڻون انسان خود اعتمادي ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟

ناڪامي کي سمجهڻ جي ڪوشش

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان ۾ به خود اعتمادي اچي ته سڀ کان اڳ ۾ ناڪامي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو، بجاءِ ان جي جو توهان ناڪامي مان مايوس ٿيو، ناڪاميءَ جو سبب ڳولي ان کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو.

رنڊڪن جو مشاهدو ڪيو

اعتماد بحال ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته توهان پنهنجي صلاحيتن کي جاچيو، انهن رنڊڪن جو مشاهدو ڪيو، جيڪي توهان جو اعتماد گهٽائين ٿيون.

جيڪڏهن توهان ڪو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيو ته بُرو محسوس نه ڪيو پر ان تي ڌيان ڏيو ته توهان کي هاڻ ڇا ڪري سگهو ٿا.

ڪجهه نئون سکڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهو

موسيقي، پينٽنگ، پرڏيهي ٻولي جو مطالعو ڪرڻ، رقص سکڻ ۽ اهڙين ڪيترين ئي سرگرمين سان توهان ناڪاري سوچ کان پري رهندئو، روز ڪنهن نه ڪنهن سرگرمي ۾ مصروف رهڻ سان توهان پنهنجي قابليت جو اندازو به لڳائي سگهو ٿا.

جيڪڏهن توهان پاڻ کي پراعتماد ڏسڻ چاهيو ٿا ته ناڪاري سوچ کان پري رهو، سدائين اهو سوچيو ته توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا، توهان ۾ سڀ صلاحيتون موجود آهن، ائين سوچي توهان اعتماد وڌائي سگهو ٿا.

پاڻ کي ٻين جي جاءِ تي رکي نه سوچيو

ڪنهن ٻئي جي ڪاميابي سان ڪڏهن به پنهنجي ڀيٽ نه ڪيو پر ٻين جي ڪاميابي کي ساراهيندي توهان پنهنجي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهو ٿا اهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو.

توهان هن دنيا ۾ پنهنجي ڪنهن سان ڀيٽ ڪرڻ ناهيو آيا، نه توهان ڪنهن کان گهٽ آهيو ۽ ڪنهن کان مٿانهان، اها ڳالهه سدائين پنهنجي دماغ ۾ رکو.

مدد وٺو

جيڪڏهن توهان اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهيو ته ٿراپي ذريعي مدد حاصل ڪيو، ڪنهن پيشيور ماهر کان مدد حاصل ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجا احساس ٻڌائڻ ۾ نه ڪيٻايو، ڇو ته ان جي مدد سان توهان اڳتي وڌي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.