2023 ۾ ڪهڙي ستاري لاءِ ڪهڙو رنگ خوش قسمت هوندو؟

ڪروموٿراپي يا جنهن کي اسان ڪلر ٿراپي به چوندا آهيون، هڪ سائنسي اصطلاح آهي يعنيٰ رنگن جي مدد سان اسان پنهنجي اندر خوشي جو احساس پيدا ڪندا آهيون، هن تصور کي علم نجوم سان ڳنڍڻ مختلف تحقيقن جو نتيجو آهي.

سائنسي حوالي سان هلندڙ سال ڪنهن ستاري لاءِ ڪهڙو رنگ ڪارائتو رهندو جيڪو کيس سڪون، صحت لاءِ سٺو ۽ خوش قسمتي جو سبب بڻجندو؟ اچو ته اوهان جي ستاري لاءِ رنگ ڏسون ٿا.

برج حمل يا ايريز (مارچ 21 کان اپريل 20 تائين)

برج حمل وارن لاءِ هي سال بهترين ثابت ٿيڻ وارو آهي ۽ ڪروموٿراپي جي تصور جي حوالي سان انهن ماڻهن لاءِ پيلو (ييلو) رنگ آهي.

برج ثور يا ٽارس (اپريل 21 کان مئي 20 تائين)

هنن ماڻهن لاءِ هي سال پاڻ سڃاڻڻ تي ڌيان ڏيڻ جو رهندو، سندن رنگ بنفشي يعنيٰ وائليٽ آهي.

برج جوزا يا جمني (مئي 21 کان جون 20 تائين)

برج جوزا جو رنگ نارنجي يا اورينج آهي، ان لاءِ ڪوشش ڪريو ته اهي ماڻهو پاڻ وٽ سال وڌ کان وڌ کان ان رنگ جو استعمال ڪن.

برج سرطان يا ڪينسر (جون 21 کان جولاءِ 22 تائين)

برج سرطان لاءِ ڪروموٿراپي جي تصور جي حوالي سان پيلو رنگ آهي.

برج اسد يا ليئو (جلاءِ 23 کان آگسٽ 22 تائين)

برج سور جيان هنن لاءِ به رنگ بنفشي يعنيٰ وائليٽ آهي.

برج سنبلا يا ورگو (آگسٽ 23 کان سيپٽمبر 22 تائين)

برج سنبلا جا اهي ماڻهو جن هيل تائين شادي ناهي ڪئي انهن کي بينڪ بيلينس وڌيڪ سٺو ڪرڻ جو موقعو ملندو، هنن لاءِ رنگ اورنج آهي.

برج ميزان يا لبرا (سيپٽمبر 23 کان آڪٽوبر 22 تائين)

هنن ماڻهن لاءِ سائو يعنيٰ گرين رنگ آهي، هي رنگ سڪون ۽ اطمينان جي علامت اهي، هنن کي گهرجي ته ان رنگ جا ڪپڙا به پهرن.

برج عقرب يا اسڪارپيو (نومبر 22 کان ڊسمبر 21 تائين)

انهن ماڻهن لاءِ هي سال ڪيترن ئي چئلينجز جو سال هوندو، ڪروموٿراپي جي تصور کي ڏسندي بنفشي رنگ هنن لاءِ بهترين آهي.

برج جدي يا ڪيپريڪان (ڊسمبر 22 کان جنوري 20 تائين)

گلابي رنگ سٺن لاڳاپن ۽ برقرار رکڻ ۾ مدد جي طور تي ظاهر ٿيندو آهي، ان لاءِ هي هاڪاري رنگ جي علامت به آهي، برج جدي لاءِ رنگ پنڪ آهي.

برج دلو يا ايڪواريئس (جنوري 21 کان فيبروري 19 تائين)

هنن لاءِ 2023 جو رنگ نيرو يا بليو هوندو، نيرو رنگ پائڻ سان اوهان کي سڪون ملندو ۽ ڪاوڙ گهٽ رهندي.

برج حوت يا پائيسز (فيبروري 19 کان مارچ 20 تائين)

ماهرن موجب هنن ماڻهن لاءِ 2023 جو رنگ پيلو آهي، ان سان خوشي مسرت ۽ خوش قسمتي ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.