ڄامشورو: جسقم اڳواڻ آصف بالادي جي امڙ رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري وئي

ڄامشوري ۾ جسقم جي سينيئر اڳواڻ آصف بالادي جي امڙ گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري وئي
آصف بالادي جي امڙ ڄامشوري جي واپڊا ڪالوني ۾ رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري وئي آهي، سندس مڙهه جيئي شاهه درگاهه تي جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
مرحومه جو تڏو آصف بالادي جي رهائش گاهه واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ وڇايو ويو آهي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي سربراهه پنهل ساريو، ديدار شام، بخشل ٿلهو ۽ سياسي سماجي اڳواڻن، اديبن، ليکڪن آصف بالادي سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.