چيني ڪارساز ڪمپني چيري سوزوڪي ڪلٽس جي قيمت ۾ هونڊا سيوڪ جهڙي ڪار متعارف ڪرائي ڇي.
چيري چين ۾ ايريزو 5 جي ٽي کي اسپورٽي ڪمپيڪٽ سيڊان طور متعارف ڪرايو آهي، پهرين نظر ۾ ان جو نئون اسٽائل نرالو ۽ خوبصورت لڳي ٿو.
ڪار نيوز چائنا تازو ايريزو 5 جي ٽي جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ سيوڪ ۽ Lexus IS سان ملن جلن ٿيون.
چين ۾ ان ڪار جي قيمت ڪلٽس جيتري رکي وئي آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان ليس اها ڪار 34 کان 42 لک رپين ۾ ملي رهي آهي.