ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 4 اپريل اڱاري تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ 4 اپريل تي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب اڱاري تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ باني ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عام موڪل هوندي.
4 اپريل تي سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارا بند رهندا، جڏهن ته وفاقي ادارا ۽ بئنڪون معمول موجب کليل رهنديون.