جيڪو مون سان ٿيو نٿو چاهيان اُهو بابر سان به ٿئي: سرفراز احمد

پاڪستان کي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ فاتح بڻائيندڙ سرفراز احمد چيو آهي ته بابر اعظم ڪپتاني ڪري ئي سکندو، هو هوريان هوريان بهتري طرف وڌي رهيو آهي.

مشهور يوٽيوبر نادر علي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ڪپتان جي حوالي سان سوال تي چيو ته بابر اعظم ڪپتاني سکي رهيو آهي، هر شخص منجهه بهتري جي گنجائش هوندي آهي ۽ غلطي ڪري ئي سکندو آهي.

وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته هو نه چاهيندو ته جيڪو ساڻس ٿيو اُهو بابر يا ڪنهن ٻئي سان ٿئي! پر ٽيم ۽ ڪپتان بڻجڻ ۾ وقت گهربل هوندو آهي، مان بابر کي صلاح ڏيندس ته رانديگرن سان رابطو وڌائي ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي.

اڳوڻي ڪپتان انڪشاف ڪيو ته کيس نٿو لڳي ته پاڪستان سُپر ليگ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاءِ هي منهنجو آخري سيزن هو.

سرفراز احمد چيو ته پاڪستاني ۽ ڀارتي رانديگرن وچ ۾ سڀ کان گهڻي دوستي ڏٺي پر موجودا حالتن ۾ ڪرڪيٽ نه ٿيڻ سبب لاڳاپا اهڙا ناهن رهيا.

هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو ڪو مسئلو ناهي انڪري ڀارت کي پاڪستان اچي کيڏڻ گهرجي.

هن ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو اُستاد معين خان کي قرار ڏيندي چيو ته مون کي وڪيٽ ڪيپر بڻجڻ جو شوق هو، ۽ کيس ئي ڏسي ڏسي وڏو ٿيس، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو هيڊ ڪوچ به آهي ۽ کائنس سکندو رهندو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.