عامر کي بابر جي هڪ ڳالهه ناهي وڻندي انڪري مٿس تنقيد ڪندو آهي، وهاب سڄو قصو ٻڌائي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض ڪپتان بابر اعظم کي قومي اعزاز ستارا امتياز ڏيڻ واري فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته محمد عامر ان وقت بابر اعظم تي تنقيد ڪندو آهي جڏهن سندس ڪارڪردگي خراب هوندي آهي، بالر طور کيس ميدان ۾ پنهنجو جارحاڻو اندا نه ڇڏڻ گهرجي.

هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هونئن جيڪڏهن اسان بابر اعظم جي حوالي سان ڳالهائڻ وقت هاڪاري سوچ جو مظاهرو ڪريون ته وڌيڪ مناسب هوندو، هن گهٽ عرصي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن سبب وڏو نالو ڪمايو آهي.

هن چيو ته بابر اعظم تي جيتري تنقيد ٿيندي آهي هو ايتري محنت ڪري پنهنجي ڪارڪردگي ۾ نکار آڻڻ تي ڌيان ڏيندو آهي، ڪارڪردگي ۾ تسلسل سبب کيس سموري دنيا ۾ ساراهيو ويندو آهي يقين آهي ته سندس ڳاڻيٽو ڪرڪيٽ جي ليجنڊز ۾ ٿيندو.

وهاب رياض چيو ته جيستائين فٽنس ۽ ڪارڪردگي برقرار آهي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ نظر ايندس، ڀارت جي ڪنڊيشنز مطابق پنجويهه کان ٽيهه ڪرڪيٽرن جي پول جو اعلان ٿيڻ گهرجي، اتي سينيئرن جي ضرورت پوندي، نوان فاسٽ بالر باصلاحيت آهن پر شايد ميگا ايوڻٽ جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهن.

قومي فاسٽ بالر نيوزيلينڊ سيريز لاءِ مضبوط اليون ميدان ۾ لاهڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته نوجوان رانديگرن کي پهرين اي ٽيمن کان تجربو حاصل ڪرڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو، يڪدم عالمي ڪرڪيٽ جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ سولو ناهي هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.