سنڌ ۾ گٽڪي، مين پڙي ۽ ٻي منشيات جي روڪٿام لاءِ وڏو قدم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گٽڪي، مين پڙي ۽ ٻي منشيات خلاف صوبائي سنڌ تي ٽاسڪ فورم قائم ڪئي وئي آهي.

سنڌ پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ گٽڪي، مين پڙي ۽ ٻي منشيات خلاف ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جي سربراهي ايڊيشنل آءِ جيز انويسٽيگيشنز، آپريشن ۽ اسپيشل برانچ ڪندا.

ترجمان ٻڌايو ته ٽاسڪ فورس سنڌ پوليس جي رينج وائز ڪميٽيون قائم ڪندي ۽ رينج وائز ڪميٽين ۾ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويندا.

ترجمان جو چوڻ هو ته انهن ڪميٽين ۾ ايس پي اسپيشل برانچ به شامل ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.