ٽوئيٽر پاڪستاني حڪومت جو سرڪاري اڪائونٽ ڀارت ۾ بند ڪري ڇڏيو

سوشل ميڊيا ڪمپني ٽوئيٽر جو چوڻ آهي ته هن پاڪستاني حڪومت جو اڪائونٽ ڀارت ۾ واهپيدارن لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.

خميس واري ڏينهن ويب سائيٽ تي هڪ نوٽيس ذريعي ٽوئيٽر ڄاڻايو ته اِهو قدم ڀارت ۾ قانوني مطالبي کانپوءِ کنيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪمپني جي گائيڊ لائينز ۾ اِهو شامل آهي ته هو ڪنهن به مُلڪ طرفان ڪنهن قانوني مطالبي، جهڙوڪ عدالتي حڪم جي صورت ۾ اڪائونٽ بلاڪ ڪري سگهي ٿي، پر پاڪستاني حڪومت جو اڪائونٽ ٻين مُلڪن جهڙوڪ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ واهپيدار ڏسي سگهن ٿا.

ميڊيا رپورٽس موجب ٽوئيٽر، پاڪستان ۽ ڀارتي حڪومتن فوري طورمعاملي تي ڪنهن به ردعمل جو اظهار ناهي ڪيو.

پاڪستاني حڪومت جي سرڪاري اڪائونٽ جا ٽوئيٽر تي ٽيهه لکن کان وڌيڪ فالوورز موجود آهن ۽ ان اڪائونٽ تي پاڪستاني حڪومت بابت معلومات شيئر ڪئي ويندي آهي.

ياد رهي ته ڀارت ۽ پاڪستان ان کان اڳ به ٻئي مُلڪ سان واسطو رکندڙ ويب سائيٽن تي پابندي لڳائي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.