پڙهائيءَ جو زور، ميڊيڪل شاگردياڻي اسپتال جي ڇت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي اسپتال جي ڇت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب 21 ورهين جي شاگردياڻي سرڪاري سطح تي هلندڙ بي جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعليم پرائي رهي هئي، جنهن مبينا طور تي اسپتال جي ڇت تان ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آندو.

پوليس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ميڊيڪل فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي گذريل ڪجهه ڏينهن کان پڙهائي ۽ امتحان سبب ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي ۽ هوءَ گذريل ٽن چئن ڏينهن کان اڪثر روئندي رهندي هئي.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته والدين طرفان شاگردياڻي کي امتحان ۾ شرڪت ڪرڻ تي زور ڏنو ويو هو، ذهني دٻاءَ سبب والدين شاگردياڻي کي نفسياتي ماهر وٽ به وٺي ويا هئا.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ دوران تصديق ناهي ٿي سگهي ته شاگردياڻي آپگهات ڪيو پر واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.