سون جي اگهه ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 100 رپيا وڌڻ کانپوءِ ٻه لک 8 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.

10 گرام سون 85 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 78 هزار 326 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 4 ڊالر واڌ سان 1971 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.