جڳ مشهور سرچ انجڻ گوگل هاڻ ماڻهن جي زندگي به بچائيندو!

گوگل سرچ انجڻ کي روز اربين ماڻهن مختلف ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن ۽ هاڻ هي زندگي بچائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.

گوگل طرفان سرچ انجڻ ۾ هڪ نئين فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي.

ڄاڻايل فيچر بنيادي طور موسمياتي الرٽ هوندو جيڪو سخت موسم بابت ماڻهن کي آگاهه ڪندو.

گوگل ٻڌايو ته ايندڙ مهينن ۾ هيٽ ويوز ۽ موسمياتي شدت ۾ واڌ جي اميد آهي جنهن سبب هيٽ اسٽروڪ ۽ فوتين جو خطرو وڌي ويندو.

ان کي نظر ۾ رکندي اِهو نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ هيٽ ويوز بابت تفصيل فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ مشورا به ڏنا ويندا.

گوگل موجب گذريل سال هيٽ ويوز بابت سرچز ۾ نمايان واڌ ٿي هئي ۽ هاڻي جيڪي واهپيدار سخت گرمي پد بابت تفصيل ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا ته کين ٻڌايو ويندو ته هيٽ ويو جي شروعات ۽ پڄاڻي ڪيستائين ٿيندي يا هو پاڻ کي محفوظ ڪيئن رکن.

گوگل ان مقصد لاءِ گلوبل هيٽ هيلٿ انفارميشن نيٽ ورڪ سان ڀائيواري ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته سموري معلومات اعتماد جوڳي ۽ تازي هجي.

واضح رهي ته گوگل ان کان اڳ ٻوڏ، زلزلي ۽ سامونڊي طوفانن بابت وارننگ الرٽس جون سروسز به متعارف ڪرائي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.