جاپاني ڪمپني تيل جي معاملي تي پاڪستان کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي

 

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي مشهور ٽريڊنگ ڪمپني پنهنجي آئرش پارٽنر ڪمپني سان گڏجي پاڪستان کي روسي تيل ۽ نائجيريا جي ايل اين جي عالمي مارڪيٽ کان 35 سيڪڙو گهٽ اگهه تي ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.

جاپاني ڪمپني جي نمائندي ٽوڪيو ۾ پاڪستاني سفير کي اها آڇ ڪئي آهي، اها ملاقات جاپان ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ڪاروباري شخصيت ۽ پاڪ جاپان بزنس ڪائونسل جي صدر راڻا عابد حسين معرفت ٿي، جنهن ۾ جاپاني ڪمپني جي نمائندي جاپان ۾ پاڪستاني سفير کي تيل ۽ ايل اين جي جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو.

جاپاني نمائندي ٻڌايو ته اسان جي ڪمپني ۽ آئرلينڊ جي ڀائيواري ڪمپني وٽ روسي تيل ۽ نائجيريا جي ايل اين جي وڪرو ڪرڻ جو لائسنس آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستاني حڪومت خريداري ۾ دلچپسي رکي ٿي ته اسان عالمي مارڪيٽ کان 34 سيڪڙو گهٽ ۾ اهي شيون ڏئي سگهون ٿا.

پاڪستاني سفير رضا بشير تارڙ موجب عالمي قانونن جي پاسداري ڪندي ان آڇ تي غور ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان جي لاڳاپيل کاتن کي آگاهه ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اسلام آباد کان جواب وصول ٿيو ته جاپاني ڪمپني کي آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.