فلپائن ( ويب ڊيسڪ ) فلپائن جي باسلو ٻيٺ وٽ ٻيڙي ۾ باهه لڳڻ واري واقعي سبب فوتگين جو انگ 31 ٿي ويو آهي جڏهن ته 230 ماڻهن کي بچايو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته رات دير سان ٻيڙي جي ايئر ڪنڊيشن ڪيبن مان باهه لڳي هئي، واقعي سبب فوتين ۾ ٽي معصوم ٻار پڻ شامل آهن جيڪي پنهنجي والدين کان وڇڙي ويا هئا.
ان کان اڳ اختيارين ٻڌايو هو ته گم ٿيل ماڻهن جو درست انگ جو تعين ناهي ٿي سگهيو ڇو جو ٻيڙي تي سوار مسافرن جي حتمي انگ بابت ڪائي ڄاڻ ناهي ملي سگهي، جڏهن ته لسٽ پٽاندڙ ٻيڙي تي رڳو 205 ماڻهو سوار هئا.
صوبائي گورنر موجب ٻيڙي ۾ باهه لڳڻ سبب ڊپ واري ماحول پيدا ٿيو ۽ گهڻي قدر ماڻهن پاڻ بچائڻ لاءِ پاڻي ۾ ٽپو ڏنو جن کي ڪوسٽ گارڊز ريسڪيو ڪيو.
گورنر جو چوڻ آهي ته ايم وي ليڊي ميري جوائي نالي ٻيڙي جي گهڻي قدر مسافرن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي جڏهن اهلڪار احتياطي تدبيرن تحت وڌيڪ آپريشن ڪري رهيا آهن.
رپورٽس موجب ٻيڙي سولو صوبي کان جولو ٽائون طرف رواني ٿي هئي جتي باسلن ٻيٽ وٽ ان کي باهه وڪوڙي وئي.