آمريڪي ڊالر کي ريورس گيئر لڳي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت کي ريورس گيئر لڳي ويو.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي جي چوٿين ڪاروباري ڏينهن دوران انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 26 پئسا گهٽتائي ڏٺي وئي.

انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قيمت 283 رپيا 92 پئسا مان گهٽ ٿي 283 رپيا 66 پئسا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر 286.50 رپين جي سطح تي برقرار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.