اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ قرآن پاڪ جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏيڻ جي ڪيس جو اخلاقي نوٽ جاري ڪيو ويو آهي.
جسٽس شاهد وحيد 5 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بئنچون جوڙڻ چيف جسٽس جو انتظامي اختيار آهي، سپريم ڪورٽ پاڻمرادي نوٽيس نمبر 4/2022 ۾ اهو قرار ڏئي چڪي آهي.
اختلافي نوٽ موجب قرار ڏنو ويو آهي ته چيف جسٽس ئي بئنچون ٺاهڻ جو اختيار رکي ٿو، جج بئنچ جي جوڙجڪ تي اعتراض نٿا اٿاري سگهن، جيڪڏهن ججن کي بئنچ جي جوڙجڪ تي اعتراض هو ته اهي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري پئي سگهيا.
جسٽس شاهد وحيد چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين جي فيصلي سان اتفاق نٿو ڪيان، پاڻمرادي نوٽيس ۾ اهي ڳالهيون بحث هيٺ آنديون ويون، جيڪي ڪيس جو حصو ئي نه هيون.
اختلافي نوٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 20 واڌو نمبر ڏيڻ تي اٽارني جنرل ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪميٽي (پي ايم ڊي سي) جواب جمع ڪرائي.