ٻن بنگلن جي مالڪياڻي، پينو فقيرياڻي پڪڙجي پئي

رباط (ويب ڊيسڪ) پنڻ جو فن جيڪڏهن چڱي ريت اچي ته اهو عياشي ڪرائي ٿو.

مراڪش ۾ هڪ پينو فقيرياڻي هڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي، کيس عدالت طرفان فراڊ جي ڏوهه ۾ سزا به ٻڌائي وئي آهي.

مراڪش جي شهر اڪادر ۾ پينو فقيرن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران اهڙا انڪشاف ٿيا ته پينو فقيرن جون وڏيون ملڪيتون هيون.

جاچ دوران خبر پئي ته هڪ پينو فقيرياڻي وٽ اميراڻي علائقي ۾ 2 بنگلا، سندس بينڪ بيلنس ۽ ملڪيت هئي ۽ وٽس سوئٽزرلينڊ جي شهريت به هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.