لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ صوبائي حڪومت مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ 7 هزار رپيا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب حڪومت مهانگائي کي نظر ۾ رکندي مزدورن جي اجرت ۾ 7 هزار رپيا واڌ ڪري ڇڏي، مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار مان وڌائي 32 هزار رپيا ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ ليبر سيڪريٽري جي صدارت هيٺ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حوالي سان بورڊ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مزدور کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهوار ڏني ويندي، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت جي ڊرافٽ جي حڪم نامي کي سرڪاري گزٽ ۾ شامل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته مهانگائي سبب ڏينهون ڏينهن پورهيت سخت متاثر ٿي رهيا آهن، روزي جي ڳولا ۾ صبح جو نڪرندڙ مزدور ڪم نه ٿيڻ سبب شام جو خالي هٿين واپس گهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن.