سينيٽ سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو رٿ جمع ڪرائي ويو.

سينيٽ ۾ سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جي اپوزيشن جي تحريڪ رد ڪئي وئي ۽ بل فوري طور منظور ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي.

ان دوران سينيٽ سيڪيورٽي حڪومتي ۽ اپوزيشن بئنچن وچ ۾ دائرو ٺاهيو جنهن کانپوءِ سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو .

بل کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، بل جي حق ۾ 60 ۽ مخالفت ۾ 19 ووٽ آيا.

اپوزيشن سيٽن تي موجود فاٽا ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سان واسطو رکندڙ سينيٽرن پن بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.

بل تي ووٽنگ کان اڳ سينيٽ ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جا سڀ جج برابر آهن، اداري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شخصيت کي مضبوط ڪرڻ بدران نظام کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي گذريل ڏينهن عدالتي سڌارن بابت منظور ڪيو، پارليامينٽ کي قانون سازي جو اختيار حاصل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ ٻن ڏهاڪن کان نئون رجحان نظر اچي رهيو آهي، آئين چوي ٿو ته حدن ۾ غير ضروري مداخلت نه ڪئي وڃي.

قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته هتي ايگزيڪيوٽو کي بار بار ڪٽهڙي ۾ آندو ويو آهي، اهڙا اهڙا پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويا  جن ۾ گهٽين ۾ صفائي سٿرائي جا مسئلا اٿاريا ويا آهن، ليور اسپتال به چيف جسٽس جي ذاتي انا جي ورچڙهي، بار طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ خلاف قانون سازي جو مطالبو ڪيو ويو.

هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ سبب رياست کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو، ريڪوڊڪ ۽ اسٽيل ملز کي نقصان پهتو.

قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته هاڻي سپريم ڪورٽ مان به ان حوالي سان ڳالهه آئي آهي، اجتماعي سوچ ئي ماڻهن کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿي، هاڻي بينچ لاءِ ڪميٽي ۾ 3 ميمبر فيصلو ڪندا، آخري فل ڪورٽ اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو، جڏهن 184 جي شق 3 تحت پاڻمرادو نوٽيس ٿيو ته ڪميٽي ان جو جائزو وٺندي، جتي آئين جي تشريح جي ضرورت آهي اتي پنج ججن جي بينچ هوندي.

پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهزاد وسيم بل تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي سينيٽ چيئرمين کين ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته سوالن جو وقفو پهريان مڪمل ٿيڻ ڏنو وڃي، مان بل ان وقت تائين غور هيٺ نه آڻيندو جيستائين اوهان بل تي ڳالهائي نه وٺو.

واضح رهي ته بل تحت چيف جسٽس جو پاڻمرادو نوٽيس وارو اختيار محدود هوندو، بئنچن جي جوڙجڪ ۽ پاڻمرادو نوٽيس جو فيصلو هڪ ڪميٽي ڪندي جنهن ۾ چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ترين جج شامل هوندا، نئين قانون سازي تحت نواز شريف، کي پاڻمرادي نوٽيس تي مليل سزا تي اپيل جو حق ملي ويو آهي جڏهن ته يوسف رضا گيلاني جهانگير ترين ۽ ٻيون ڌريون پڻ فيصلا چئلينج ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.